Book Name:Mohabbat e Auliya Ke Fazail
ناهي ڪئي، داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صحبت کان محروم رهيا آهيون، خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ڳالهيون به اسان ناهن ٻڌيون، اسان اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملاقات جو شرف به حاصل ناهي ڪيو، اسان جي لاءِ اها فضيلت ڪيئن ٿي ٿئي سگهي؟ اسان قيامت جي ڏينهن انهن سان گڏ ڪيئن اٿاريا وينداسين؟ اچو! انهي خيال کي ردّ ڪرڻ جي لاءِ مان اوهان کي هڪ حديث شريف ٻڌايان ٿو: صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ الله عَنْه کان روايت آهي الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: 2 ٻه ماڻهو آهن انهن مان هڪ اوڀر ۾ رهندو آهي، ٻيو اولھ ۾ رهندو آهي.(يعني ٻنهي جي وچ ۾ تمام گهڻو فاصلو آهي، هڪ دنيا جي هِن ڪنڊ ۾ آهي، ٻيو دنيا جي هُن ڪنڊ ۾ آهي، ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو به ناهي، پاڻ ۾ ملاقات به ناهي ٿي، هڪٻئي کان ڳالھ ٻُولھ به ناهي ٿي، رڳو ٻڌو آهي ته فلاڻي هنڌ هڪ نهايت نيڪ ۽ پرهيزگار ٻانهو رهي ٿو، الله پاڪ جي عبادت ڪندو آهي، رڳو هن بنياد تي) هُو پاڻ ۾ صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ڪندا آهن. فرمايائون: جڏهن قيامت جو ڏينهن ايندو، الله پاڪ انهن ٻنهي کي جمع فرمائيندو ۽ جيڪو محبت ڪرڻ وارو آهي، ان کي چيو ويندو: ھَذَا الَّذِی کُنْتَ تُحِبُّہُ فِیَّ يعني هي آهي اهو ٻانهو جنهن سان تُون الله پاڪ جي رضا خاطر محبت ڪندو هُئين.
(شُعَبُ الایمان،باب فی مقاربۃ و موادۃ اہل الدین،جلد:6،صفحہ:492 ،حدیث:9022۔)
الله اڪبر! ڇا ته شان آهي....!! اسان غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت ناهي ڪئي. اها اسان جي محرومي آهي. اسان داتا حضور رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ڳالهيون ناهن ٻڌيون، هي به اسان جي محرومي آهي. اسان خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ سيّدي اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو زمانو ناهي ڏٺو، هي به اسان جي محرومي ضرور آهي پر الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان کانئس محبت ڪيون ٿا.