Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein
ڀڄڻ جي بدران، انهن کي منهن ڏيون ۽ انهن مشڪلاتن، پريشانين ۽ مصيبتن کي اُخروي ثواب جو ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪيون.
هي ڪيئن ٿيندو؟ اچو! ٻڌو!
سيپارو:2 سورت بقره، آيت:155 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَنَبۡلُوَنَّکُمۡ بِشَیۡءٍ مِّنَ الۡخَوۡفِ وَ الۡجُوۡعِ وَ نَقۡصٍ مِّنَ الۡاَمۡوَالِ وَ الۡاَنۡفُسِ وَ الثَّمَرٰتِ ؕ وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیۡنَ (۱۵۵)ۙ
(پارہ:2، البقرہ: 155)
ترجموڪنز العرفان: ۽ ضرور اسان توهان کي آزمائينداسين ڪجھ ڊپ ۽ بک سان ۽ ڪجھ مالن ۽ جانين ۽ ميون جي گھٽتائي سان ۽ خوشخبري ٻُڌاءِ صبر ڪرڻ وارن کي.
هن آيت جي حوالي سان تفسير نعيمي ۾ آهي: اي مسلمانؤ! توهان بهترين اُمَّت آهيو ۽ وڏن جو امتحان به وڏو ئي ٿيندو آهي، ان ڪري کوڙ مضمونن ۾ توهان جو امتحان ٿيندو، ڪڏهن دُشمن جي خوف سان، ڪڏهن ڏڪار ذريعي، ڪڏهن فقر ۽ فاقي جي ذريعي، ڪڏهن مال ۾ گھٽتائي جي ذريعي، ڪڏهن اولاد، ماءُ پيء، عزيز رشتيدارن ۽ دوستن جي وفات جي ذريعي، ڪڏهن توهان جي باغات، ٻنين ۽ ميون وغيره ۾ گهٽتائي جي ذريعي، مطلب؛ توهان جي امتحان جا ايترا پرچا آهن، هر پرچي ۾ پُورا نمبر حاصِل ڪيو! [1]
وَ بَشِّرِ الصّٰبِرِیۡنَ (۱۵۵)ۙ (پارہ:2، البقرہ: 155)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ خوشخبري ٻُڌاءِ صبر ڪرڻ وارن کي.
معلوم ٿيو؛ جڏهن مصيبت اچي، پريشاني اچي، ڏُک دَرد غم اچن ته ان امتحان ۾ ڪاميابي ڪيئن ملندي؟ شور مچائي نه، روڄ راڙو ڪري نه، نه پريشانين جو