Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein
دنيا ۽ آخرت ۾ سعادتمند بڻجڻ جو نسخو
حضرت عبدالله بن عمرو رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا؛ 5 عادتون اهڙيون جيڪو انهن کي اختيار ڪري اهو دنيا ۽ آخرت ۾ سعادتمند ٿي ويندو آهي. (1) وقت به وقت، لَآ اِلٰہَ اِلَّاا للہُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہِ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم چوندو رهي (2) جڏهن ڪنهن مصيبت ۾ مبتلاء ٿي(مثلاً بيمار ٿي يا نقصان ٿي وڃي يا پريشان جي خبر ٻڌي) ته اِنّا لِلّٰہ وَاِنَّآ اِلَیْہِ رَاجِعُوْن ۽ لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلاَّ بِاللہِ الْعَلِیِّ الْعَظِیْم پڙهي (3) جڏهن به نعمت ملي شڪراڻي ۾ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْن پڙهي ۽ (5) جڏهن گناھ ڪري ويهي ته هيئن چئي، اَسْتَغْفِرُ اللہَ الْعَظِیْمَ وَ اَتُوْبُ اِلَیْہِ (يعني مان عظمت واري الله پاڪ کان مغفرت طلب ڪندي ان جي طرف توبه ڪيان ٿو.) [1]
پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! هي ڪيترو آسان آسان ڪم آهن، وقت به وقت ڪلمو طيبه پڙهڻو آهي، هر جائز ڪم کان پهريان بسم الله پڙهڻي آهي ۽ الله نه ڪري گناھ ٿي وڃي ته استغفار پڙهي وٺڻي آهي، ان جي برڪت سان ڇا ملندو؟ ٻانهو دنيا ۽ آخرت ۾ سعادتمند ٿي ويندو.
وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا
ہم مفلس کیا مول چُکائیں؟ اپنا ہاتھ ہی خالی ہے([2])
اِنّالله جي برڪت سان جنت ۾ بيتُ الحَمد ملندو.
حضرت ابو سِنان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: منهنجي پٽ سنان جو انتقال ٿي ويو، جڏهن اسان ان کي دفن ڪيو، ان وقت حضرت ابو طلحه خولاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قبر جي ڪناري بيٺا هئا، تدفين کان بعد جڏهن ماڻهو هليا ويا، مون به گهر وڃڻ جو