اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

وضاحت: يعني مسلمان سڏرائڻ ته آسان آهي پر حقيقي مسلمان بڻجڻ آسان ناهي، حَقيقي مسلمان هر وقت تيار رهندو آهي ته اسلام جي خاطر ۽ ڪنهن طرح جي به قرباني ڏيڻي پئجي سگهي ٿي ۽ دين جي سربلندي جي لاءِ جان ڏئي شهيد به ٿيڻو پوندو آهي.

 اسلام انسان کي پاڪ صاف ڪري ڇڏي ٿو

حضرت ابو سعيد خُدري رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا؛ هڪ ڀيري هڪ غيرمسلم اسلام قبول ڪيو،(خدا جو طرفان ڪجھ ايئن ٿيو جو مسلمان ٿيڻ کان پوءِ) ان جي اکين جي روشني هلي وئي، مال ۽ دولت ۾ به گهڻو نقصان ٿيو، هاڻ ان سمجهيو ته هي معاذالله! اسلام قبول ڪرڻ جي نحوست آهي، جيئن ته بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: مون کان اسلام واپس وٺو! پاڻ سڳورن فرمايو: اسلام ته واپس ناهي ورتو ويندو. ان چيو: هي دين قبول ڪرڻ بعد مون کي ڪابه ڀلائي ناهي ملي، منهنجون اکيون هلي ويون، مال و دولت ۾ به ڪافي نقصان ٿي ويو، ان تي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ فرمايو: اي شخص! جيئن باھ لوھ سون ۽ چاندي جي ڪٽ لاهيندي آهي، ايئن ئي اسلام ماڻهن کي پاڪ و صاف ڪندو آهي. [1]

معلوم ٿيو، مسلمان ٿي ڪري آزمائشون اينديون آهن، بلڪ غير مسلمن جي نسبت مسلمانن تي آزمائشُن وڌيڪ اينديون آهن، ڇو اينديون آهن؟ انڪري ته اسان جا گناھ ڌوپجي وڃن، اسان جي دل جي مير پري ٿي وڃي ۽ اسان اندر کان پاڪ صاف ٿي ڪري جنت جا حقدار بڻجي وڃون.

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ته طئي آهي ته دنيا ۾ اَزمائشون، مصيبتون، مشڪلاتون اينديون ئي آهن، انهي ڪري اسان کي گهرجي ته انهن کان پري


 

 



[1] اسباب النزول للواحدی،سورۂ حج، صفحہ:239، حدیث:639۔