اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس گھُورڻ، جھڻڪڻ، تڪرار ڪرڻ کان بچندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم!

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

لُوه جون ڪَهِيون لڳائڻ واري کي نصيحت

صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡهُ کان روايت آهي هڪ ڀيري الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  هڪ شخص کي ڏٺو جنهن پنهنجي جوتي ۾ لوھ جون ڪهيون لڳائي رکيون هيو ، اُن تي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي تربيت ڪندي فرمايو: تنهنجي اميد ڊگهي ٿي وئي آهي، تون ثواب کان بي رغبت ٿي ويو آهين ۽ نيڪين کان جيءُ چرائڻ لڳو آهين. بيشڪ جڏهن ڪنهن جي جوتي جو تسمو ٽٽي ۽ اهو ان تي  اِنَّا لِلّٰہِ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْنَ پڙهي ته ان عمل جي برڪت سان ان تي الله پاڪ جي سلامتي، هدايت ۽ رحمت وسندي آهي، پوءِ هي جزاء ان جي لاءِ سڄي دنيا کان بهتر آهي.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي تربيت جو انداز ڏسو! ڪيترو پيارو آهي، بظاهر هي هڪ معمولي ڳالھ هئي، شايد ان شخص جي جوتي جي ڪَهِي باربار پوندي هوندي، تنهنڪري ان


 

 



[1] موسوعہ ابنِ ابی الدنیا،کتاب قصر الامر،جلد:3 ،صفحہ:305 ،حدیث:8۔