اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

اِرادو ڪيو ته پاڻ منهنجو هٿ پڪڙي ورتو ۽ مون کي تسلي ڏيندي فرمايو: اي اَبُوسِنان! مان اوهان کي هڪ خوشخبري ٻڌايان؟ مون کي ضَحّاڪ حديث شريف ٻڌائي ته الله پاڪ جي آخري، نبي، رسول هاشمي جو ارشاد پاڪ آهي: جڏهن انسان جو پٽ فوت ٿي وڃي ته الله پاڪ ملائڪن کان پڇندو آهي: ڇا تو منهنجي ٻانهي جي پٽ جو روح قبض ڪيو؟ ملائڪ چوندا آهن: جي ها! الله پاڪ فرمائيندو آهي: ڇا توهان ان جي جگر جي ٽڪڙي کي جدا ڪري ڇڏيو؟ ملائڪ چوندا آهن: جي ها! الله پاڪ فرمائيندو آهي: هن تي منهنجي ٻانهي ڇا چيو؟ ملائڪ چوندا آهن:  ان  تنهنجي حمد بيان ڪئي ۽ اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن  پڙهيو. ان تي الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي ٻانهي جي لاءِ جنت ۾ هڪ گهر بڻايو ۽ ان جو نالو بَیْتُ الحمد رکو. [1]  

اي عاشقانِ رسول!  پٽ جو  انتقال ٿي وڃي يا ڪو عزيز رشتيدار، نهايت پيارو دوست دنيا مان هليو وڃي، ان تي صبر ئي ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن بي صبري ڪندا، واويلو مچائيندا، وار پٽيندا، گريبان ڦاڙيندا،  رڙيون ڪري شور مچائيندا ته ڇا ٿيندو؟ مرڻ وارو واپس اچي ويندو..؟ وڃڻ وارو ته ويو هلي، اهو هاڻي موٽي نه ايندو، ها! بي صبري ڪرڻ جي ڪري صبر جو ثواب به هٿ مان هليو ويندو. انهي ڪري اسان کي گهرجي ته صبر جو ڍڪ پي ڪري اِنّا لِلّٰہ   پڙهون،  ڍير سارو ثواب ملندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته جنت جو حقدار بڻجي ويندا.

اِنَّالِلّٰہ جي سان برڪت سان  بهترين بدلو ملندو آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! مصيبت تي اِنّا لِلّٰہ پڙهڻ جي هڪ برڪت هي به آهي ته هن سان مصيبت پري ٿيندي آهي ۽ الله پاڪ دنيا ئي ۾ چڱو بدلو عطا فرمائيندو آهي. حديث شريف ۾ آهي، تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو


 

 



[1]