اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

مصيبت جي وقت اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّااِلَیْہِ رَاجِعُوْن چوندو آهي الله پاڪ ان جي پريشاني دور فرمائي ڇڏيندو آهي، ان جو انجام چڱو ڪندو آهي ۽ ان کي اهڙو بدلو عطا فرمائيندو آهي جنهن تي اهو راضي ٿي ويندو آهي. [1]

هڪ حديث شريف ۾ آهي: جنهن مسلمان تي ڪا مصيبت اچي ۽ اهو الله پاڪ جي حڪم جي مطابق اِنَّا لِلّٰهِ وَ اِنَّاۤ اِلَیْهِ رٰجِعُوْنَ (پڙهي ۽ هي دعا ڪري) اللّٰہُمَّ أَجُرْنِیْ فِیْ مُصِیْبَتِیْ وَاَخْلِفْ لِیْ خَیْرًا مِّنْہَا يعني اي الله! منهنجي هن مصيبت تي مون کي اجر عطا فرماءِ ۽ مون کي هن تي بهتر بدلو عطا فرماءِ. ته الله پاڪ ان کي هن کان بهتر بدلو عطا فرمائيندو. [2]

حڪيم الامت مفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: هي عمل نهايت مجرب (يعني اَزمايل) آهي. مري ويل ميت ۽ گم ٿيل شيءِ تي پڙهيو وڃي پر جنهن گم ٿيل شيءِ جي ملڻ جي اميد هجي ان تي رَاجِعُوْنَ تائين پڙهو ۽ جنهن کان ملڻ جي مايوسي ٿي چڪي هجي ان تي پورو پڙهي، پر ضروري هي آهي ته زبان تي هي الفاظ هجن ۽ دل ۾ صبر هجي.[3]

پٽ جي وفات تي بي مثال صبر

     حضرت بيبي اُمّ سليم رَضِىَ اللهُ  عَـنْها صحابيه آهن. مائٽي ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ جي ماسيون آهن، نهايت جان نثاري، نيڪ، پرهيزگار، صابر و شاڪر خاتون هيون، سندن هڪ پٽ هيو: ابو عُمير. اولاد سڀني کي پياري هوندي آهي، انهن کي به حضرت ابو عمير رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ سان تمام گهڻو پيار هيو، خاص ڪري سندن والد حضرت ابوطلحه انصاري رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ کي پنهنجي پٽ کان


 

 



[1] معجمِ کبیر،جلد:6 ،صفحہ:155،حدیث:12852۔

 [2] مسلم،کتاب الجنائز،باب یقال عند المصیبۃ،صفحہ:329،حدیث:918۔

 [3]  مرآۃ المناجیح،جلد:2 ،صفحہ:445