Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein
الله پاڪ مدد گهرو ۽ عاجز نه بڻجو. [1]
حڪيم الامت مفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: يعني جيڪا شيءِ توهان کي ديني فائدو پڄائي ان ۾ قناعت نه ڪيو! خوب حرص ڪيو! ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو پر پنهنجي ڪوشش تي ڀروسو نه ڪيو، الله پاڪ تي توڪل ڪيو! (انهي کان مدد گهرو). خيال رهي! دنياوي شين ۾ قناعت ۽ صبر چڱو آهي پر آخرت جي شين ۾ حرص ۽ بي صبري اعليٰ آهي، دين جي ڪنهن درجي تي پڄي ڪري قناعت نه ڪيو! مزيد اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيو! الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَاسۡتَبِقُوا الۡخَیۡرٰتِ ؕ (پارہ:6، المائدہ:48)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ نيڪين جي طرف ٻين کان اڳتي وڌي وڃو.
ڪنهن فارسي شاعر ڇا ته خوب چيو آهي: [2]
حَاجَتَے نَیْسْتْ مَرا سَیْر اَزِیْں آبِ حیات
ضاعَفَ اللّٰہُ عَلیٰ کُلِّ زمانٍ عَطْشیٰ
مفهوم: هن آبِ حيات (مثلاً نيڪين وغيره) سان سير ٿي وڃڻ منهنجو مقصد ناهي، الله پاڪ هميشه منهنجي اُڃ ئي وڌائي رکي.
الله پاڪ اسان سڀني کي نيڪين جو حريص بڻجڻ، گناهن کان بچڻ ۽ هردم آخرت جي فڪر ڪرندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
ماڻهون مسلمان ٿيڻ آسان سمجهن ٿا
اي عاشقانِ رسول! هي دنيا هڪ ڪمره امتحان آهي، هتي مشڪلات،