Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein
وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ به خوب حِصّو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دُنيا ۽ آخرت ۾ ان جون بيشُمار برڪتون نصيب ٿينديون۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: هفتيوار اِجتِماع۔
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هر جمعرات جو مغرب جي نماز کان پوءِ ۽ بعض هنڌن تي عِشَاء جي نماز کان پوءِ دعوتِ اسلامي جو هفتيوار سنتن ڀريو اِجتِماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ تِلاوت، نعت، بيان ۽ ذِڪر و دُعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ سکڻ سيکارڻ جا حلقه به لڳايا ويندا آهن، اهڙي طرح هفتيوار اِجتماع جي ذريعي نيڪيون ڪمائڻ ۽ عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو خوب موقعو ملندو آهي، اوهان به پَڪي نيت فرمايو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هر جمعرات پابندي سان پاڻ به هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪندس ۽ نيڪي جي دعوت ڏئي ٻين کي به گڏ آڻيندس۔
ٽيبل ٽينس جو شوقين ڪيئن سُڌري ويو...؟
ڪراچي جي رهڻ واري هڪ اسلامي ڀاءُ جي باري ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته هو مذهبي ذِهن نه هئڻ سبب فضول ڪمن ۾ پنهنجا ڏينهن رات گذاري رهيو هو، گُنَاهن جو به سلسلو جاري هو، ۽ ان کي ٽيبل ٽينس جو بيحد شوق هو، شام ٿيندي ئي ٽيبل ٽينس کيڏڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويندو هو ۽ بعض اَوقات اهو سلسلو رات دير تائين جارِي رهندو هو، هڪ ڀيري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ ان کي ۽ ساڻس گڏ کيڏڻ وارن کي نماز پڙھڻ ۽ هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پيش ڪئي، اسلامي ڀاءُ انهن کي مسلسل نيڪي جي دعوت پيش ڪندو رهيو، نيٺ اهي ٽيبل ٽينس جا شوقين هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳا، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هفتيوار اجتماع جي برڪت سان آهسته آهسته ان جي دِل نرم ٿي وئي، ان جي