اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

الَّذِیۡنَ اِذَاۤ  اَصَابَتۡہُمۡ مُّصِیۡبَۃٌ  ۙ قَالُوۡۤا اِنّا لِلّٰہ وَ  اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡنَ (۱۵۶)ؕ   اُولٰٓئِکَ عَلَیۡہِمۡ صَلَوٰتٌ مِّنۡ رَّبِّہِمۡ وَ رَحۡمَۃٌ ۟ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُہۡتَدُوۡنَ (۱۵۷(پارہ:2، سورۂ بقرہ:156تا 157)

ترجموڪنزالعرفان: هي اهي ئي ماڻهو آهن جن تي جڏهن ڪا مصيبت ايندي آهي ته چوندا آهن: اسان الله جا ئي آهيون ۽ اسان انهيءَ ڏانهن موٽڻ وارا آهيون. هي اهي ماڻهو  جن تي سندس ربّ جي طرفان درود آهن ۽ رحمت (آهي) ۽ اهي ئي ماڻهو هدايت وارا آهن.

 

آنکھیں رو رو کے سُجانے والے                                                                                     جانے والے نہیں آنے والے([1])

وضاحت: اي ڪنهن وڇڙڻ واري جي غم ۾ روئي روئي ڪري پنهنجي اکين کي خراب ڪرڻ وارا! جيڪو هليو ويو اهو ته واپس نه ايندو بلڪ اسان ئي ان جي پٺيان وڃڻ وارا آهيون.

سُبْحٰنَ اللہ! پياراپيارا اسلامي ڀائرو! الله وارن جا انداز نرالا ئي هوندا آهن، خير! هي ته مشڪل ڳالھ آهي جو اسان مصيبت اچڻ تي به خوش ئي رهون.  نه چاهيندي به بعض اوقات دل تي غم ڇانئجي ويندو آهي، اکين مان ڳوڙها ڳڙي پوندا آهن. ان جي خير آهي، باقي اسان کي صبر ضرور ڪرڻ گهرجي، تنهنڪري جڏهن به ڪا مشڪل، پريشاني، يا مصيبت اچي ته شور مچائڻ، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ، وار پٽڻ، واويلو ڪرڻ جي بجائي صبر جو  ڍڪ پي ڪري اِنّا لِلّٰہ وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن   پڙهي وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  تمام گهڻو ثواب هٿ ايندو.

الله پاڪ جي رحمت ڏيارڻ وارو عمل

الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:  مصيبت جي وقت اِنّا لِلّٰہ وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن     پڙهڻ الله پاڪ جي رحمت ملڻ جو ذريعو آهي. [2]


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:160۔

[2] کنز العمال،کتاب الاخلاق،جز:3 ،جلد:2 ،صفحہ:122،حدیث:6643 ماخوذًا