اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

يعني مصيبت تي صبر ڪندي اِنّا لِلّٰہ پڙهڻ سان انهن کي هڪ ٻه نه بلڪه 3 انعام ملندا، (1) انهن تي الله پاڪ جي درود جي بارش ٿيندي (يعني انهن جا گناھ معاف ڪيا ويندا، انهن تي خاص عنايتون ٿينديون ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ انهن کي عزت ۽ عظمت عطا ڪئي ويندي) (2) پوءِ انهن تي الله پاڪ جي رحمت به وسندي (3) ۽ ٽين فصيلت هي آهي ته هي ماڻهو دنيا ۽ آخرت ۾ پوري هدايت تي آهن.[1] دنيا ۾ ته هيئن جو هرحالت ۾ (يعني خوشالي ۾ شڪر ڪري ۽ مصيبت جي وقت صبر ڪري) ربّ ڪريم جو قرب حاصل ڪرڻ ڪامياب رهندا ۽ آخرت ۾ ايئن جو ڪو ته نيڪيون ڪري آخرت ڪمائي ٿو، ڪو گناهن کان بچي ڪري دوزخ کان بچي وڃي ٿو پر هي صبر ڪرڻ  وارا، مصيبت تي اِنّا لِلّٰہ  پڙهڻ وارا الله پاڪ  جي رضا ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.

پٽ جي انتقال تي عمده ڪپڙا پاتائون

حضرت ثابت بُناني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:هڪ ڀيري تابعي بُزرگ حضرت مُطَرّف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي پٽ جو انتقال ٿي ويو (ظاهر آهي پٽ جو فوت ٿيڻ، وڏو گهرو صدمو هوندو آهي پر حضرت مطرف رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان تي ڪمال جو صبر ڪيو)، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ان وقت به عمده ڪپڙا پاتل، تيل وغيره لڳايل هئا. ماڻهن کيس چيو: اوهان جي پٽ جو انتقال ٿيو آهي ۽ اوهان کي تيل لڳايل، عمده ڪپڙا پاتل آهن؟ پاڻ فرمايائون: ته ڇا مان گهٽ همت جو اظهار ڪيان؟ (يعني بي صبري ڏيکاريان)؟ منهنجي صبر ڪرڻ تي الله پاڪ مون کي 3 انعام ڏيڻ جو وعده فرمايو آهي ۽ انهن مان هرهڪ مون کي سڄي دنيا کان وڌيڪ پيارو آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:


 

 



[1] تفسیرِ نعیمی،پارہ:2 ،البقرہ،زیرِ آیت:157 ،جلد:2 ،صفحہ:98 بتغیر قلیل۔