اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

مرد يا عورت کي ڪا مصيبت پهچي ۽ اها تمام پراڻي ٿي وئي(يعني سال گذري ويا)، هاڻي اهو ٻيهر ڪڏهن اها مصيبت ياد اچڻ تي اِنَّالِلّٰہ پڙهي ته الله پاڪ ان کي اهو ئي ثُواب عطا فرمائيندو جيڪو مصيبت اچڻ وقت مليو هيو. [1]    

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن پڙهڻ جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن. الله پاڪ اسان کي هر ننڍي وڏي پريشاني تي صبر ڪرڻ، الله جي رضا تي راضي رهندي اِنّا لِلّٰہ پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

بدفالي نه وٺو

 اي عاشقانِ رسول! اسان جو عقيدو آهي ته وَالْقَدْرِ خَیْرِہٖ وَشَرِّہِ مِنَ اللہِ تَعَالیٰ هر چڱي ۽ بُري تقدير الله پاڪ جي طرفان آهي. هن جو واضح واضح مطلب اهوئي آهي ته اسان خوشي ملي يا غم، خوشحالي اچي يا پريشاني، تندرستي ملي يا بيماري، مالداري اچي يا تنگدستي، سڀ ڪجھ الله پاڪ جي طرفان آهي.

پر معاشري جي حالت عجيب آهي، اسان وٽ ماڻهون بدفاليون وٺندا آهن. * اڄ دڪان تي گراهڪ نه آيو ته بدفالي. * اک ڦرڪي رهي آهي ته بدفالي. * ڪٿي ويندي رستي ۾ ڪا مشڪل پيش اچي وئي ته بدفالي. * ڪا مصيبت اچي وئي، پريشاني اچي وئي، ته بدفالي، مختلف ڳالهيون، مختلف وهم ۽ بدفاليون ايئن ئي دل ۾ پالي رکندا آهن. مثلاً. * صبح صبح انڌي سان ملاقات ٿي وئي. هڪ اک وارو ماڻهو سامهو اچي ويو. * ڪو لنگڙو ملي ويو. * ڪارو ڪانءُ يا ٻلي سامهون کان گذري وئي. * ڪم تي ويندي وقت رستي ۾ ڪو بُرو آواز ٻڌو ورتو ته بدفالي ورتي ويندي آهي هاڻي منهنجو ڪم نه ٿي سگهندو.


 

 



[1] مسندِ امام احمد،جلد:1 ،صفحہ:545،حدیث:1760۔