اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

* ڏينهن مان بدفالي ورتي ويندي آهي. * ايمبولنس جي آواز مان. * فائر بريگيڊ جي آواز مان بدفالي ورتي ويندي آهي.  * ڪڏهن اخبارن ۾ شايع ٿيڻ واري ستارن جي کيل مان پنهنجي زندگي کي غمگين بڻايو ويندو آهي. * ڪجھ ماڻهو مهمان جي رخصتي کان بعد گهر ۾ ٻهارو ڏيڻ کي منحوس سمجهندا آهن. * سڌي اک ڦرڪي ته يقين ڪيو ويندو آهي ته ڪا مصيبت ايندي. * عيد جمعي جي ڏينهن تي اچي وڃي ته ان کي حڪومت تي ڀاري سمجهيو ويندو آهي. * ٻلي جي روئڻ جي آواز کي منحوس سمجهيو ويندو آهي. * ڪڪڙ ڏينهن جي وقت آذان ڏي ته بدفالي ۾ مبتلا  ٿي ويندا آهن ايستائين جو ان کي ذبح ڪري ڇڏيندا آهن. * دڪان تان پهريون گراهڪ سودو وٺڻ بغير هليو وڃي ته دڪاندار ان مان بدفالي وٺندو آهي.

الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، هي صرف وهمي ڳالهيون آهن، انهن کان بچڻ لازمي آهي، جڏهن به ڪا مصيبت اچي، پريشان اچي، مشۡل اچي، ڪو ڪم الٽو ٿي وڃي، دڪان تي گراهڪ نه آيو، آفيس ۾ ڪم صحيح نه ٿي سگهيو، بيمار ٿي پيا، خدنخواسته چوري وغِره ٿي وئي ته الله پاڪ تي يقين رکو! صبر ڪيو! اِنّا لِلّٰہ وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن  پڙهي ڪري ثواب ڪمايو! بدفالي وٺڻ مان ڇا ملندو؟ ڪجھ به نه، مصيبت ته اها جيڪا اچي ڇڪي، بدفالي وٺندا صبر ڪرڻ ۽ اِنَّالِلّٰہ پڙهڻ جي ثواب کان محرومي ٿيندي، اها ته ٿيندي، ابتو بدفالي جو گناھ الڳ ٿيندو جو بدفالي وٺڻ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهي.

 بدفالي جي باري ۾ 4 فرامين مصطفيٰ

 * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ فرمايو: لَیسَ مِنَّا مَن تَطَیَّرَ وَلَاتُطُیِّرَ لَہ يعني جنهن بدشگوني ورتي ۽ جنهن لاءِ بدشگوني ورتي وئي اهو اسان مان