اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

هر هنڌ واويلو ڪري، بلڪه ان امتحان ۾ ڪاميابي ملندي صَبر ڪري، الله پاڪ جي رِضا تي راضِي رِهي۔

چپ رِہ سیں تاں موتی مل سَن، صبر کرِیں تاں ہیرے

پاگلاں وانگوں رولا پاویں نہ موتی نہ ہیرے

وضاحت: چُپ رهندؤ ته موتي ملندا، صبر ڪندؤ ته هيرا ملندا ۽ جيڪڏهن چرين جيان شُور مچائيندا رهندؤ ته مصيبت کان ڇوٽڪارو ملي نه ملي، موتي ۽ هيرن(يعني آخرت جي ثواب کان ضرور) محروم ٿي ويندؤ

صابر ڪنهن کي چئبو آهي

 اچو! هي به سمجهي وٺو ته صبر ڪرڻ ڪنهن کي چئبو آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

الَّذِیۡنَ اِذَاۤ  اَصَابَتۡہُمۡ مُّصِیۡبَۃٌ  ۙ قَالُوۡۤا اِنّا لِلّٰہ وَ  اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡنَ (۱۵۶)ؕ  (پارہ:2، سورۂ بقرہ:156)

ترجموڪنزالعرفان:  اهي ماڻهو ته جڏهن انهن تي مصيبت ايندي آهي ته چوندا آهن: اسان الله ئي جا آهيون ۽ اسان انهي جي طرف موٽڻ وارا آهيون.

 سُبْحٰنَ اللہ! حيقت ۾  صبر ڪرڻ وارا اهي آهي جڏهن انهن تي ڪا مصيبت اچي، ڪا پريشاني اچي ته هي واويلو نه آهن ڪندا، شڪوه شڪايت ناهن ڪندا بلڪ چوندا آهن: اِنّا لِلّٰہ وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُون بيشڪ اسان الله ئي جا آهيون ۽ انهي جي طرف موٽڻو آهي.

اِناّلله هن امت جي خصوصيت آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هي خوبصورت ڪلمو يعني اِنّا لِلّٰہ وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُون نهايت برڪت