اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

هر مصيبت تي اِنَّالِلّٰہ پڙهو!

اسان وٽ عام طور تي ماڻهن جو هي ذهن بڻيل آهي ته صرف ڪنهن جي وفات تي ئي اِنَّالِلّٰہ پڙهندا آهن، بعض اوقات ڪنهن موقعي تي اِنَّالِلّٰہ پڙهو ته ماڻهو حيران ٿي ڪري پڇندا آهن: ڇا ٿيو؟ ڪنهن جو انتقال ٿي ويو؟ ياد رکو! هي مبارڪ ڪلمو صرف ڪنهن جي وفات يا ڪنهن وڏي مصيبت تي ئي پڙهڻ جي لاءِ ناهي، هر طرح جي مشڪل، پريشاني وقت پڙهيو ويندو آهي. تنهنڪري جڏهن به بيماري، قرض داري، بي روزگاري يا ڪا آفت اچي وڃي، ڪا شيءِ گم ٿي وڃي، ڪنهن جي ڳالھ ٻڌي ڪري صدمو  پڄي، ڪو ماري، دل ڏکي، ڌڪ لڳي، گاڏي خراب ٿي پئي، ٽريفڪ جام ٿي وڃي، ڪاروبار ۾ نقصان ٿي پئي، هٿ مان ڪا شيءِ ڪري پئي، ڪپڙو ڪنهن شيءِ ۾ اٽڪي ڦاٽي پئي، الغرض! ڪنهن قسم جي ننڍي وڏي مصيبت اچي ته ان تي صبر ڪندي اِنَّا لِلّٰہِ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن پڙهڻ جي عادت بڻائي وٺو!

ڏيئو وسامڻ تي اِنّا لِلّٰہ پڙهو

 حضرت عڪرمه  رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ کان روايت آهي ته هڪ ڀيرو رات جو وقت هيو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  به تشريف فرما هئا، اچانڪ ڏيئو وسامي ويو، اُن تي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن پڙهيو. مون عرض ڪيو:  ڇا هي به مصيبت آهي؟ فرمايائون: هر اها شيءِ جيڪا مؤمن کي تڪليف پڄائي، اها مصيبت آحي ۽ اُن تي اَجر ڏنو ويندو آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو! هر ننڍي وڏي تڪليف تي اِنّا لِلّٰہ ِ وَ اِنَّااِلَیْہِ رَاجِعُوْن پڙهي ڪري ثواب ڪمائي سگهجي ٿو. وڌيڪ هن حديث شريف مان هي درس ملي ٿو ته جيڪڏهن اچانڪ بجلي هلي وڃي ته ان تي به اسان کي صبر ئي ڪرڻ گهرجي،


 

 



[1] تفسیر درِ منثور،پارہ:2 ،البقرہ،زیرِآیت:156،جلد:1،صفحہ:380۔