اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

آهي جيڪا هڪ مستقل طاقت آهي ته ان شرڪ جلي جو اِرتِڪاب ڪيو آهي (جيڪو ڪفر آهي)۔ [1]

 * سرڪار عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مَنْ رَدَّتْہُ الطِّیَرَۃُ عَنْ شَیْءٍ فَقَدْ قَارَفَ الشِّرْکَ يعني جيڪو شخص بدشگوني جي ڪري ڪنهن شيءِ کان رڪجي، اهو شرڪ ۾ مبتلا ٿي ويو.[2]

 پيارا اسلامي ڀائرو! بدفالي(هي آهي ته ڪنهن شيءِ (مثلاً ماڻهو، عمل، آواز يا وقت) سان بُري فال وٺڻ آهي (يعني هي سمهڻ ته ان جي نحوست جو ڪنهن جي حالات تي بُرو اثر پوندو) بدفالي آهي.)

بدفالي متعلق تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”بدشگوني“ پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.

 

اِنَّالِلّٰہ  جي معنيٰ تي غور ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ کان پنهنجو پڪو ذهن بڻائي وٺو ته جڏهن به ڪا مشڪل، پريشاني يا مصيبت ايندي، چاهي اها معمولي ئي ڇونه هجي، اسان الله پاڪ جي رضا ۾ راضي رهندي ثواب ڪمائڻ جي لاءِ اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن پڙهنداسين. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

 اِنّا لِلّٰہ پڙهندي ان جي معنيٰ تي ضرور غور ڪيو! اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن  2 جملا آهن (1)  اِنّا لِلّٰہ هڪ جملو، ۽ (2) وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن ٻيو جملو آهي. هنن ٻنهي جملن ۾ اسان جي لاءِ بهترين پيغام آهي، جيڪڏهن اسان هن پيغام کي سمهون، ان کي


 

 



[1] مِرْقاۃ شرح مشکوٰۃ، کتابُ: الطِّب، جلد:8، صفحہ:398، زیرِ حدیث:4584۔

[2] مجمع الزوائد 5/180 حديث 8415