اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

ان کي هميشه گهٽ ئي سمجهندو آهي، ڪڏهن رياڪاري، ڏيکاءُ ۽ خودپسندي ۾ مبتلا ناهي ٿيندو. * ۽ جيڪو ٻانهو هوندو آهي اهو ڪڏهن پنهنجي مالڪ جي نافرماني ناهي ڪندو. [1]

هي اِنّا لِلّٰہ جو سبق آهي. (2) انهي طرح  ۾ فڪر آخرت جو درس آهي، جيڪڏهن اسان هر وقت پنهنجو هي ذهن بڻائي رکون ته الله پاڪ مون کي ڏسي رهيو آهي، منهنجو ڪو عمل، ڪو خيال، ڪا سوچ، ڪو دلي ارادو ان کان لڪيل ناهي، عنقريب مون کي ان جي حضور حاضر ٿيڻو آهي، پنهنجي هرهر عمل جو جواب ڏيڻو آهي، جيڪڏهن هي پڪو ذهن بڻايون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اسان جو ڪردار سنورجي ويندو، اخلاق به چڱا ٿي ويندا، گناهن کان بچڻ جو ذهن بڻجي ويندو، نيڪين ۾ دل لڳي ويندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته دنيا ۽ آخرت سنورجي ويندي. الله پاڪ اسان کي مان ملڻ وارن انهن سبقن کي ذهن ۾ ويهارڻ، معنيٰ تي توجھ رکي ڪري ان کي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله

 پيارا اسلامي ڀائرو! دِل ۾ عشق مدينه وڌائڻ، يادِ مدينه، ذِڪرِ مدينه ڪرڻ، گُنَاهن ۽ فضوليات کان بچڻ، سٺي، بامقصد، سنتن ڀري ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان


 

 



[1] الانوار القدسیۃ فی بیان آداب العبودیہ،الباب الاول  فی بیان آداب …الخ،صفحہ:26-35خلاصۃً ۔