اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

نه کُلي، هي ته گُناھ آهي، هن کان بچڻ لازمي آهي.

خير! هر اهو ڪم جيڪو جيتوڻيڪ جائز هجي پر اهو نيڪين کان محرومي جو سبب بڻجي رهيو هجي ته ان کان بچڻ ئي بهتر آهي. اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اهڙا موقعا پاڻ پيدا ڪيون، جن جي ذريعي گهڻي کان گهڻيون نيڪيون ڪرڻ جو موقعو ملي وڃي، مثلاً. هٿ ۾ تسبيح رکو، هن جي برڪت سان وقت به وقت ذڪر و درود ٿيندو رهندو. گهر کان وضو ڪري مسجد ۾ وڃڻ جي عادت بڻايو، نيڪيون گهڻيون ملنديون. ٿي سگهي ته پيدل هلي ڪري مسجد وڃو، ان ۾ مشقت ٿيندي ته اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم!  ثواب ملندو.  منهنجا شيخ طريقت اميراهل سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ڪپڙي جي نرم ٽوپي تي عمامو شريف ٻَڌندا آهن، هي به نيڪيون ڪمائڻ جو هڪ ذريعو آهي ته جڏهن جڏهن عمامو شريف لاهيندا، اهو کُلي ويندو، ٻيهر ٻڌڻو پوندو، ايئن هر ڀيري عمامو شريف ٻڌڻ جو ثواب ملندو رهندو ۽ جيڪڏهن هر ڀيري هڪ هڪ وَر کوليندا ته ان تي اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم! نيڪيون ملنديون. ايئن ئي فجر جي لاءِ جاڳائڻ جي عادت بڻائي ڇڏيو! هن جي برڪت سان نماز فجر باجماعت پڙهڻ تي پابندي عادت بڻجي ويندي. گهر ۾ درس شروع ڪيو!  گهر ۾ ديني ماحول به بڻجندو، ثواب به ملندو ۽ ان جي برڪت سان گهر ۾ ٿيڻ واريون ڪافي بي احتياطين کان به بچي ويندا.

مطلب ته! چڱو اهو ئي آهي ته اسان آخرت جي فڪر ڪيون، هر اهو ڪم جيڪو نيڪين کان محروم ڪرڻ وارو هجي، ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪيون. جيڪڏهن جذبو سچو هجي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  راهون کُلي وينديون.

نيڪين جي حرص اپنايو!

حديث شريف ۾ آهي، مديني جي سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِحْرِصْ عَلیٰ مَا یَنْفَعُکَ وَاسْتَعِنْ بِاللہِ وَ لَاتَعْجِزْ يعني جيڪو توهان کي فائدو پڄائي ان جا حريص بڻجي وڃو!