اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

پريشانيون، آزمائشون، مصيبتون اينديون ئي اينديون آهن، اسان انهن کان بچي نٿا سگهون.

یہ آتی جاتی ہوئی سانسیں زِندگی کے لئے                                                                      اِک امتحان مسلسل ہے آدمی کے لئے

 ڪجھ ماڻهو خيال ڪندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن سوال به پڇندا آهن ته اسان مسلمان آهيون، ڪلمو پڙهڻ وارا آهيون، الله پاڪ کي مڃڻ وارا، ان جي عبادت ڪرڻ وارا آهيون، پوءِ اسان تي آزمائشون ڇو ٿيون اچن؟ ان جو  سڌو سادو جواب اهو ئي آهي ته هي دنيا مومن جي لاءِ قيدخانو آهي ۽ قيدخاني ۾ آزمائش ٿيندي آهي.  

راويتن ۾ آهي:  عرب جا ڪجھ ڳوٺاڻان مديني شريف ايندا ۽ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري ڪلمو شريف پڙهندا هئا، ان کان بعد جيڪڏهن خوشحالي ملندي هئي ته چوندا هئا اسلام سچو دين آهي، تنهنڪري اسلام تي قائم رهندا هئا ۽ جيڪڏهن خوشحالي نه ملندي هئي، ڪا مشڪل پريشاني اچي ويندي هئي ته معاذالله! دين ڇڏي ڏيندا هئا، انهن جي باري ۾ هيءَ آيت نازل ٿي، الله پاڪ فرمايو:

وَ مِنَ النَّاسِ مَنۡ یَّعۡبُدُ اللّٰہَ عَلٰی حَرۡفٍ ۚ فَاِنۡ  اَصَابَہٗ  خَیۡرُۨ  اطۡمَاَنَّ بِہٖ ۚ وَ اِنۡ اَصَابَتۡہُ فِتۡنَۃُۨ  انۡقَلَبَ عَلٰی وَجۡہِہٖ ۟ۚ  خَسِرَ الدُّنۡیَا وَ الۡاٰخِرَۃَ ؕ ذٰلِکَ  ہُوَ  الۡخُسۡرَانُ  الۡمُبِیۡنُ (۱۱(پارہ:17، الحج:11)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪو ماڻهو اهو آهي جيڪو الله جي عبادت هڪ ڪناري تي ٿي ڪندو آهي پوءِ جيڪڏهن ان کي ڪا ڀلائي پهچي ته بي فڪر ويندو آهي  ۽ جيڪڏهن ان کي ڪا آزمائش اچي ته منهن ڀر ڦري ويندو آهي. اهڙو ماڻهو دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ نقصان کڻندو آهي اهو ئي واضح نقصان آهي.

 

یہ شہادت گہِ اُلْفَت میں قدم رکھنا ہے                                                                                  لوگ آسان سمجھتے ہیں مسلماں ہونا