اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

اسان وٽ عام طور تي بجلي هلي وڃڻ تي نهايت بي صبري جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، ماڻهو نه ڄاڻ ڇاڇا ابتو سبتو ڳالهائيندا آهن، ڪجھ نادان ته معاذالله! بجلي فراهم ڪرڻ وارن ادارن کي گاريون ڏيندا آهن، الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. صبر ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اچانڪ بجلي هلي وڃڻ تي به اِنّا لِلّٰہ ِ وَ اِنَّااِلَیْہِ رَاجِعُوْن پڙهندا ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ثواب نصيب ٿيندو.

   جوتي جو تسمو ٽٽڻ تي اِنّا لِلّٰہ  پڙهو

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن راھ هلندي اچانڪ جوتو ٽٽي پئي ته اُن تي به صبر ڪيو ۽ اِنّالِلّٰہ پڙهي ڪري ثواب ڪمايو. صحابي رسول حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ کان روايت آهي، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن توهان مان ڪنهن جي جوتي جو تسمو ٽٽي پئي ته اهو اِنّا لِلّٰہ  پڙهي، بيشڪ هي به هڪ مصيبت آهي.[1]

پراڻي مصيبت تي پڙهڻ جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْن پڙهڻ جي هڪ ٻي وڏي اهم برڪت آهي، اها هي ته جڏهن مصيبت آئي، اُن وقت اسان اِنّا لِلّٰہ پڙهيو، اُن تي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  ثواب ملندو ئي ملندو، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن مصيبت پراڻي هجي، مثلاً ڪيئي سال پهريان مصيبت آئي هئي، ان وقت ان تي صبر ڪيو هو، هاڻي سالن کان بعد هونئن ويٺي ويٺي ياد آيو ته مون کي فلاڻي وقت هي مشڪل پيش آئي هئي، جيڪڏهن ٻانهو ان وقت ٻيهر اِنَّالِلّٰہ پڙهي ته هاڻي ٻيهر اهو ئي ثواب ملندو جيڪو مصيبت اچڻ وقت مليو هيو. جيئن ته امام عالي مقام، امام حسين کان روايت آهي، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار فرمايو: مسلمان


 

 



[1]  مسندِ بزار،جلد:8 ،صفحہ:400،حدیث:3475۔