Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein
دِل جي ڪاراڻ ختم ٿيڻ لڳي، ان پنهنجي تمام گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ فضوليات کي ڇڏي دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔
یہاں سنتیں سیکھنے کو ملیں گی دِلائے گا خوفِ خُدا مدنی ماحول
تُو آ بےنمازی، ہے دیتا نمازی خُدا کے کرم سے بَنَا مدنی ماحول
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جيڪي ماڻهو دير تائين ڪنهن هنڌ ويٺا ۽ بنا ذِڪرُ الله ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي درود پڙھي اتان کان متفرق (يعني جُدا جُدا) ٿي ويا، انهن نقصان ڪيو، الله پاڪ چاهي عذاب ڏئي ۽ چاهي ته بخشي ڇڏي۔)[2]
ويهڻ جون سنتون: * حضرت ابنِ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا فرمائن ٿا: مون رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪعبه شريف جي صحن ۾ اِحتِبَاء جي صُورت ۾ تشريف فرما ٿيندي ڏٺو۔ (اِحتِباء جو مطلب هي آهي ته انسان سُرين تي ويٺو هجي ۽ پنهنجي ٻنهي پنين کي ٻنهي هٿن ذريعي پڪڙي، هن طرح ويهڻ عاجزي ۾ شُمار ٿئي ٿو)