Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein
لوھ جي تار کي ڪَهِي بڻائي ٻڌي ڇڏيو هوندو، ظاهر ۾ ته هي عمل چڱو ئي لڳي رهيو آهي ته هن ۾ آساني آهي، باربار جي تڪليف کان جان ڇڏائجي ويندي آهي پر رسولِ خدا، احمد مجتبي جي تربيت صد مرحبا..!! پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم امُّت کي دنيا جي نه بلڪ آخرت جي فڪر ڪرڻ سيکاريو آهي، جُوتي ۾ لوھ جي ڪَهِي لڳائڻ سان دنياوي سهولت ته ملي وئي پر آخرت جو ڪيترو نقصان ٿي ويو، يقيناً ڪَهي جو ٽٽڻ به هڪ آزمائش، هڪ مصيبت آهي ۽ مومن ٻانهي کي جڏهن مصيبت پهچي، اهو ان تي اِنّا لِلّٰہ وَ اِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُوْنَ پڙهي ته ان تي رحمتون وسنديون آهن، الله پاڪ جي سلامتي نصيب ٿيندي آهي، صبر ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيندو آهي، ظاهر آهي جڏهن ڪَهِي ٽٽندي نه ته مشقت به نه ٿيندي، مشقت نه ٿي ته صبر ڪرڻ جو موقعو به نه ملندو، صبر ڪرڻ جو موقعو نه مليو ته صبر جي عظيم الشان ثواب کان محرومي ٿي ويندي.
عالَم کی خبر رکھتے ہیں گر وہ تو عجب کیا بھیجا ہے خُدا نے انہیں ہر عِلْم سکھا کر
پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان معلوم ٿيو ته هر اهو ڪم جيڪو جيتوڻيڪ جائز به هجي ليڪن اهو محرومي جو سبب بڻجي رهيو هجي ته بهتر اهو ئي آهي ته ٻانهو اهو ڪم نه ڪري مثلاً. ٽوٿ برش ڪرڻ، هي به جيتوڻيڪ جائز آهي پر ان جي ڪري مسواڪ جي سُنّت تي عمل ڪرڻ سان محرومي ٿي سگهي ٿي. خوبصورت ڊيزائن واري ٽوپي خريدڻ، ظاهر آهي خوبصورت ٽوپي خريد ڪندا ته پائڻ تي به دل ڪندي، پائيندا ته عمامي جي سُنت کان محرومي ٿي ويندي. انهي طرح واش بيسن تي وضو ڪرڻ، هي به جيتوڻيڪ جائز آهي پر ان تي بيهي وضو ڪرڻ پوندو، تنهنڪري وضو ڪرڻ جي نيڪي کان محروم رهجي ويندا. ايئن ئي رات جو جلدي نه سمهڻ ڇوته جلدي نه سمجهندا ته تهجد کان محرومي ٿي سگهي ٿي. ڪڏهن ايتري دير تائين سمهڻ جو فجر جي نماز جي لاءِ اک ئي