اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein

وارو آهي. فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: منهنجي اُمت کي مصيبت جي وقت جي لاءِ هڪ اهڙي شيءِ ڏني وئي آهي جيڪا پوين امتن کي عطا نه ٿي ۽ اهو ڪلمو اِنّا لِلّٰہ وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُون  آهي.[1]

تفسير روح المعاني ۾ آهي: هن اُمت کي مصيبت جي وقت جي لاءِ هڪ اهڙي شيءِ ڏني وئي آهي جيڪا پهرين نبين کي به عطا نه ٿي ۽ اهو ڪلمو اِنّا لِلّٰہ وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُون آهي. جيڪڏهن هي ڪلمو پهرين نبين کي ڏنو وڃي ها ته حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام  کي ضرور ڏنو وڃي ها جو پاڻ پنهنجي پٽ يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام جي جدائي تي

یٰۤاَسَفٰی عَلٰی یُوۡسُفَ  (پارہ:13، یوسف:84)

ترجمو ڪنزالعرفان:  هاءِ افسوس يوسف جي جدائي.

چيو  (جيڪڏهن هي ڪلمو انهن کي ڏنو وڃِي ها ته ضرور اِنّا لِلّٰہ وَاِنَّا اِلَیْہِ رَاجِعُون پڙهن ها.)[2]

مصيبت تي اِنَّالله پڙهڻ جي فضيلت

جيڪڏهن اسان مصيبت جي وقت اِنَّالِلّٰہ پڙهنداسون ته ان تي اَجر ڪهڙو ملندو؟ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اُولٰٓئِکَ عَلَیۡہِمۡ صَلَوٰتٌ مِّنۡ رَّبِّہِمۡ وَ رَحۡمَۃٌ  وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُہۡتَدُوۡنَ (۱۵۷(پارہ:2، سورۂ بقرہ:157)

ترجموڪنزالعرفان: هي اهي ماڻهو  جن تي سندس ربّ جي طرفان درود آهن ۽ رحمت (آهي) ۽ اهي ئي ماڻهو هدايت وارا آهن.


 

 



[1] معجمِ کبیر،جلد:6 ،صفحہ:37 ،حدیث:12241

[2] تفسیر روح المعانی،پارہ:2 ،البقرہ،زیرِ آیت:156 ،جز:2 ،جلد:1 ،صفحہ:576۔