Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

ان کان وڌيڪ نصيحت ڪهڙي هوندي؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو: هي کڄندڙ جنازا، قبرستان جي وڌندڙ آبادي (Population)، اسان جي عزيزن، رشتيدارن (Relatives) جو هڪ هڪ ٿي ڪري  مرڻ، هي سڀئي موت جا قاصد آهن، ان ۾ اسان جي لاءِ عبرت جو سامان آهي پر افسوس! اسان عبرت حاصل ناهيون ڪندا. هڪ ڀيري حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ جنازي ۾ شريڪ ٿيا، مُردي کي دفنائڻ کان بعد پاڻ هڪ شخص کي فرمايائون: اوهان جو ڇا خيال آهي: هي شخص (جنهن کي هاڻي دفنايو آهي) ڇا هي دنيا ۾ واپس اچڻ، وڌ کان وڌ نيڪ اعمال ڪرڻ ۽ پنهنجي گناھن کان توبھ ڪرڻ جي خواهش نه رکندو هوندو؟ ان شخص چيو: هائو! بلڪل هي ان جي خواهش رکندو هوندو. امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمايو: پوءِ اسان جو ڇا حال آهي؟ اسان هن مُردي (Dead Body) جيان ڇو نه ٿا ٿي وڃون (يعني اسان وٽ هاڻي مهلت آهي، اسان دنيا ۾ موجود آهيون پوءِ اسان نيڪين جي طرف ڇو نه ٿا وڌون، گناھن کان توبھ ڇو نه ٿا ڪري وٺون) هي فرمائي ڪري امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هليا ويا، پاڻ هلندي چئي رهيا هئا: جيڪڏهن دل زندھ هجي ته انهن جنازن کان وڌيڪ ڪهڙي نصيحت  ٿي سگهي ٿي...![1]

وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی                جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی

بس اب اپنے اِس جہل سے تُو نکل بھی             یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                          یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] آداب الحسن البصری، صفحہ:29 ۔