Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

اسان عبرت ڇو نه ٿا حاصل ڪيون؟

   پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن، اسان جي اسلاف، بزرگانِ دين جي سوچ ڪهڙي ته پاڪيزه هئي، هي عبرت ۽ نصيحت (Advice) حاصل ڪندا رهندا هئا، ڏسو! حضرت اِيَاس بِن قتاده رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڏاڙهي مبارڪ ۾ هڪ اڇو وارُ ڏٺو، بَس هي هڪ اڇو وار ئي کيس نصيحت جي لاءِ ڪافي ٿي ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  ان مان عبرت حاصل ڪئي، نصيحت حاصل ڪئي ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويا.

   هاءِ افسوس! اسان تي غفلت (Heedlessness) ڇانيل آهي، اسان  عبرت نه ٿا پڪڙيون، اسان عبرت جي نگاھ کان محروم آهيون. ڪائنات جو ذرو ذرو اسان کي فنا جو پيغام ڏئي رهيو آهي، هي کڄندڙ جنازا، قبرستان جي وڌندڙ آبادي، گذرندڙ جواني، مٽجندڙ  ڏينهن، لهندڙ چانڊوڪي، انهن سڀني ۾ عبرت آهي، هي شيون اسان کي ٻڌائي رهيون آهن ته اي غافل انسان! موت اچڻ وارو آهي.

دل ہائے گناہوں سے بیزار نہیں ہوتا                 مغلوب شہا! نفسِ بدکار نہیں ہوتا

گو لاکھ کروں کوشش اِصلاح نہیں ہوتی                                     پاکیزہ گناہوں سے کِردار نہیں ہوتا

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے              دل آہ! مگر اب بھی بیدار نہیں ہوتا[1]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

عبرت حاصل ڪرڻ جي ترغيب

   اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم اسان کي جڳھ جڳھ تي عبرت حاصل ڪرڻ


 

 



[1] وسائل بخشش، صفحہ:163۔