Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

گذريل سال دنيا مان هليا ويا، يقيناً اسان کي رخصت مِليل آهي، اسان جا ساھَ هاڻي به هلي رهيا آهن، يقيناً نئون سال ملڻ ڪا خوشيءَ جي ڳالھ ناهي، ڏسڻو ته هي آهي ته اسان جا عمل ڪهڙا آهن؟ چڱو اهو آهي جنهن جي عُمر ڊگهي هجي ۽ عمل سٺا هجن ۽ جيڪڏهن نئون ڏينهن ته ملي، نئون هفتو، نئون مهينو، نئون سال ڏسڻ ته نصيب ٿئي پر عمل بُرا ئي رهن، پهريان گناھن ۾ ٻُڏل هو، نئون سال ملڻ تي به گناھن ۾ مُبتلا رهي، پهريان غفلت ۾ ڏينهن گذري رهيا هئا، نئون سال شروع ٿيڻ تي به غفلت ڇانيل رهي، اهڙو شخص چڱو ناهي، نهايت بُرو آهي.

صدِّيقين جو هڪ پيارو وصف

   منقول آهي: هڪ نيڪ شخص جي قسمت جاڳي، ان کي خواب ۾ پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي، عرض ڪيائين: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مون کي نصيحت ڪيو! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جنهن جا 2 ڏينهن هڪ جهڙا هجن (ڪلھ جيئن گذريو، اڄ به ائين ئي گذري، ڪلھ 5 نيڪيون ڪيون هيون، اڄ به 5 ئي نيڪيون ڪيون، نيڪين ۾ اضافو نه ٿيو، يا ڪالهوڪو ڏينهن گناھن ۾ گذريو هو، اڄوڪو ڏينهن به گناھن ۾ ئي گذريو، توبھ نه ڪيائين، اهڙو شخص) دوکي ۾ آهي ۽ جنهن جو اڄ ڪلھ کان وڌيڪ بُرو هجي، اهو ملعون آهي.[1]

   عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: صدِّيقين (يعني تمام وڏي مرتبي وارا اولياءِ ڪرام) ان ڳالھ کان حياء ڪندا آهن ته سندن اڄوڪو ڏينهن ڪلھ جهڙو گذري (يعني اهي هر ڏينهن نيڪين ۾ ڪجھ نه ڪجھ اضافو ئي ڪندا آهن).

 ڪاش! اسان کي به نصيحت ملي، اسان به عبرت حاصل ڪيون، فڪرِ آخرت


 

 



[1] لطائف المعارف، صفحہ:400۔