Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي ته * جيئن هي قبرن ۾ پيا آهن، سڀاڻي مان به پيو هوندُس * هي جيڪي مٽيءَ جا ڍيرَ (Lumps of Soil) نظر اچي رهيا آهن، انهن ۾ هڪ ڍيرَ جو اضافو ٿي ويندو * ڀڳل ٽٽل قبرن کي ڏسي ڪري سوچيو ته ڪهڙن ڪهڙن حسينن جي هتي مٽي پَليتُ ٿي رهي آهي * منهنجا اعمال ته اهڙا آهن، جيڪڏهن ربّ ناراض ٿي ويو ته خبر ناهي قبر ۾ ڇا ٿيندو! پوءِ پنهنجي لاش  (Dead body) کي تصور ۾ آڻي، لاش جي ڦاٽڻ، اکين جي وهڻ، ڏندن جي نڪرڻ ۽ وارن جي ڇڻڻ کي ياد ڪيو، ائين پنهنجي بي وسي (Helplessness) جو تصور ڪيو ۽ عبرت حاصل ڪيو. الله ڪريم اسان کي عبرت حاصل ڪرڻ  ۽ عبرت قبول ڪرڻ واري دل ۽ ذهن عطا فرمائي.[1]

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

قبر میں میت اُترنی ہے ضرور                              جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور

وراثت جو مال عيش جو سامان نه آهي، عبرت جو باعث آهي

   حضرت عمر بن عبدُ العزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي آخري خطبي ۾ فرمايو: اي انسانو! توهان وٽ جيڪو مال آهي مرڻ وارن جو ڇڏيل آهي، آخر ڪار توهان به هن کي هتي ڇڏي هليا ويندؤ، ڇا توهان نه ٿا ڄاڻو ته توهان روزانو صبح يا شام جي وقت هن دنيا مان رخصت ٿيڻ واري جي جنازي جي پٺيان پٺيان هلو ٿا، توهان کيس قبر جي ان کَڏي ۾ لاهي ايندا آهيو جتي نه پٿرڻو آهي نه ويهاڻو، هي مرڻ وارو پنهنجو سڄو مال ۽ متاع (Possession) هتي ڇڏي ويندو آهي، دوست احباب کان جُدا ٿي ڪري مِٽيءَ کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي وٺندو آهي، حساب ۽ ڪتاب کي منهن ڏيندو آهي، انهيءَ جو محتاج هوندو آهي جيڪو هن


 

 



[1] ملفوظاتِ امیرِ اہلسنت،(قسط:62) ،کیا جنات کو بھی موت آتی ہے ؟،صفحہ:5۔