Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

اپنايون، هڪ سال ته ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي، ايندڙ سال اسان بدلجي وڃون، پنهنجي اخلاق، ڪردارَ عادتن ۾ تبديلي آڻيون، نئون سال چڱي انداز ۾، گناھن کان بچندي، نيڪين ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪيون.

هلو اسان به تبديل ٿا ٿي وڃون....!

  حضرت مولانا محمد شاھ صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اعلٰي حضرت، امام اهلِ سنّت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا دوست هئا، پاڻ فرمائن ٿا: جڏهن محرمُ الحرام 1301 هجري جو چنڊ نظر آيو ته اسان معمول جي مطابق مغرب کان بعد اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين پر اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خلافِ معمول دير سان تشريف وٺي آيا، سلام کان بعد تشريف فرما ٿيا ۽ مون کي مخاطب ڪري فرمايائون: محمد شاھ صاحب! اڄ 1301 هجري جو چنڊ نظر اچي ويو؟ مون عرض ڪيو: جي ها! ان تي اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: اڄ صدي تبديل ٿي وئي، هلو! اسان به تبديل ٿا ٿي وڃون.[1]

   پيارا اسلامي ڀائرو! سال تبديل ٿيندا آهن، ڪاش! هن سال صرف سال نه مَٽجي، اسان به بدلجي وڃون، ڪاش! اسان عبرت حاصل ڪيون، سال بدلجي رهيو آهي، اسان به پنهنجون عادتون بدليون، گناھن جي عادت آهي ته توبھ ڪيون * نمازن نه پڙهڻ جي عادت آهي ته پنج وقت جي نماز پابندي سان باجماعت پڙهڻ وارا بڻجي وڃون * تهجد جي عادت اپنايون * اشراق، چاشت ۽ اوّابين جا نوافل پڙهڻ جي عادت بڻايون * درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪندا ڪيون * مدني قافلن ۾ سفر کي معمول بڻايون * پنهنجي اعمال جو جائزو وٺڻ ۽ نيڪ اعمال جو رسالو پُر ڪرڻ جي عادت بڻايون * نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا بڻجون * سنّتن ڀَريو لباس اپنايون * وارن جي ابتي سبتي ڊيزائن ڇڏي ڪري


 

 



[1] فیضان اعلیٰ حضرت ، صفحہ:575خلاصۃً۔