Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

ويندا آهن * ائين ئي نيو ائير نائٽ (New Year Night) جي نالي تي ٿيڻ وارن فنڪشنز (Functions) ۾ ڪيترائي ماڻهو زهريلو شراب پي ڪري يا هوائي فائرنگ جي سبب يا آتش بازي جي نتيجي ۾ باھ ۾ سڙي ڪري به موت جو شڪار ٿي ويندا آهن.

زندگي گهٽ ٿيڻ تي خوشيون ملهائڻ وارا عجيب ماڻهو

  علّامه ابنِ رجب حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اي سال گذرڻ تي خوشيون ملهائڻ وارؤ! توهان اصل ۾ زندگي گهٽ ٿيڻ تي خوش ٿي رهيا آهيو.[1] وڌيڪ فرمائن ٿا: اي شخص! جنهن جو هڪ ٻئي پٺيان سال گذرندو پيو وڃي پر اهو غفلت جي خواب مان سڄاڳ نه ٿو ٿئي، اي شخص! جنهن جو سال گذري ويو پر اڃان تائين گناھن جي سمنڊ ۾ ٻُڏل آهي،[2]  قيامت جي ڏينهن جڏهن توهان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندؤ ته توهان وٽ ڪهڙو بهانو هوندو؟ ان غفلت ۽ گناھ ڀري زندگي جو ڪهڙو عُذر پيش ڪندؤ...!!

بهتر ڪير...؟

   ترمذي شريف ۾ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي خدمت ۾ سوال ٿيو: اَیُّ النَّاسِ خَیْرٌ؟ يعني بهترين ماڻهو ڪير آهي؟ فرمايائون: مَنْ طَالَ عُمْرُہٗ وَ حَسُنَ عَمَلُہٗ  جنهن جي عُمر ڊگهي ۽ اعمالَ چڱا هجن. پوءِ پڇيو ويو: اَیُّ النّاسِ شَرٌّ ؟ سڀ کان بُرو ماڻهو ڪير آهي؟ فرمايائون: مَنْ طَالَ عُمْرُہٗ وَ سَاءَ عَمَلُہٗ جنهن جي عُمر ڊگهي ۽ اعمالَ بُرا هجن.

   الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان غور ڪيون، ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي


 

 



[1] لطائف المعارف، صفحہ:405۔

[2] لطائف المعارف، صفحہ:407۔