Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به اڳتي وڌي ڪري حصّو وٺو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پنهنجي زندگي ۾  واضح تبديلي محسوس ڪندؤ، الله پاڪ چاهيو ته دنيا کان بي رغبتي جي دولت به ملندي ۽ اخلاق ۽ ڪردار به سنورجي ويندا.

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسةُ المدينه بالغان به آهي.

   اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي جي تحت ملڪ ۽ بيرونِ مُلڪ هزارين مدارسُ المدينه بالغان لڳندا آهن، جن ۾ وڏي عُمر جي اسلامي ڀائرن کي درست تجويد ۽ مخارج سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي ۽ مختلف سنّتون ۽ آداب سيکاريا ويندا آهن. توهان به مدرسةُ المدينه بالغان ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ جي اهليت رکو ٿا ته پڙهائڻ جي، نه ته پڙهڻ جي نيّت ڪري وٺو.

فيشن پرست جي زندگي ۾ بهار اچي وئي

   آفندي ٽائون (حيدرآباد، انٽيرئير سنڌ، پاڪستان) جي مقيم هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي: مان هڪ فيشن پرست نوجوان هئس، دُنيا جي موج مستي ۾ گُم، پنهنجي آخرت جي اَنۡجام کان غافل زندگي جا ڏينهن گذاري رهيو هئس ته منهنجي سُتل قسمت جاڳي پئي، مون کي مَدرَسةُ المدينه  بالغان ۾ داخلا جي سعادت ملي وئي، بَس پوءِ منهنجي ته خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو۔ مَدرَسَةُ المدينه بالغان جي برڪتن منهنجي دل جي اونداهي کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي جي ڏيئي سان مُنوَّر ڪري ڇڏيو۔ ان ۾ مون کي قرآنِ ڪريم جي تعليم سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل جو جذبو به مليو ۽ ہفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت به نصيب ٿي. اَلۡحَمۡدُلِلّٰه! مدرسةُ المدينه بالغان ۾ پڙهڻ جي برڪت سان منهنجي