Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

قبر جو جواب

   حضرت مالِڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ ڀيري موت جي باري ۾ غور ۽ فڪر (Pondering) ۽ عبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ قبرستان (Cemetery) تشريف وٺي ويا ۽ اتي وڃي ڪري هي شعرَ پڙهيائون:

اَتَیْتُ الْقُبُوْرَ فَنَادَیْتُھَا                                                                                                                             فَاَیْنَ الْمُعَظَّمُ  وَ الْمُحْتَقَر

وَ اَیْنَ الْمُدِلُّ بِسُلْطَانِہٖ                                                                                                                            وَ اَیْنَ الْعَزِیْزُ اِذَا مَا افْتَخَر

ترجمو: مان قبرن وٽ آيُس ۽ انهن کي پڪاري ڪري چيو: ڪٿي آهن اهي ماڻهو، دنيا ۾ جن جي عزت ڪئي ويندي هئي ۽ ڪٿي آهن اهي ماڻهو جن کي دنيا ۾ حقير (Substandard)  سجهيو ويندو هو؟ ۽ ڪٿي آهن اهي بادشاھ جن کي پنهنجي حڪومت تي ڀروسو، ناز هو؟ ڪٿي آهن اهي عزت وارا جيڪي فخر ڪندا هئا؟

    حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ قبر مان آواز آيو: اهي سڀئي فَنا ٿي ويا ۽ فنا ٿي ڪري عبرت جو نشان بڻجي ويا، هاڻي انهن جي خبر ڏيڻ وارو به ڪو نه رهيو ۽ هو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ويا. اي گذريل ماڻهن جي باري ۾ پڇڻ وارا! ڇا تو وٽ هنن گذري وڃڻ وارن جا عبرتناڪ حالات ۽ واقعات نه پهتا.[1]

پہلوانوں کو پچھاڑا موت نے                               کھیل کتنوں کا بگاڑا موت نے

ہاتھی جیسے بھی نہ چھوڑے موت نے                   کیسے کیسے گھر اجاڑے موت نے

قبر میں میت اترنی ہے ضرور                              جیسی کرنی ویسی بھرنی ہے ضرور

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] الروض الفائق،صفحہ:25 ملخصًا۔