Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

ڪري هو موت کي ياد ڪندو هو. هڪ ڀيري جڏهن ان آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏٺو ته کيس پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ هڪ اڇو وارُ نظر آيو، ان چيو: هاڻي هيءَ صندوق کنئي وڃي هينئر مون کي هن جي حاجت ناهي ڇوته  منهنجي ڏاڙهي ۾ اڇو وارُ پئجي ويو آهي جيڪو موت جو قاصد آهي لهذا هاڻي مان پنهنجي اڇي وارَ کي ڏسي ڪري موت کي ياد ڪندو رهندُس.[1]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

اڇي وارَ  مان عبرت حاصل ڪرڻ گهرجي

  حضرت عبدُ الله بن ابو نوح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون مسجد نبوي شريف ۾ هڪ پوڙهي شخص کي ڏٺو، هو مسجد جي صفائي (Cleanliness) ڪندو ۽ ڏينهن رات مسجد ۾ ئي رهندو هو، ماڻهن ٻڌايو ته اهو پوڙهو مسلمانن جي ٽئين خليفي (Caliph) حضرت عثمانِ غني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اولاد مان آهي، صاحبِ اولاد آهي، الله پاڪ مال به گهڻو عطا فرمايو اٿس، ان وٽ الله پاڪ جو ڏنل سڀ ڪجھ آهي پر هي سڀ ڪجھ ڇڏي ڪري مسجد جو ٿي ڪري رهجي ويو آهي.

   حضرت عبدُ الله بن ابو نوح رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي ڪري مون کي  تجَسُّس (Curiosity) ٿيو، مون ان پوڙهي بُزرگ جا احوال (Circumstances) ڏسڻ شروع ڪيا، جيئن ته مون ڏٺو: جڏهن آڌي رات ٿي ته مسجد مان نڪتو، جنّتُ البقيع ۾ تشريف وٺي ويو ۽ قبلي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ لڳو، سڄي رات نماز پڙهندو رهيو، فجر جو وقت شروع ٿيو ته انهن دعا گهري، دعا جي دوران الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض گذار ٿيو:


 

 



[1] ملفوظاتِ امیرِ اہلسنت ،قسط:34،اداسی کا علاج،صفحہ:17۔