Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

هن دنيا کي عبرت جي نگاھ سان ناهي ڏسندو، آخرت جو فڪر ناهي ڪندو، ان جون نيڪيون گهٽ ۽ دل پردي ۾ آهي * حضرت حاتِم اَصمّ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان سوال ٿيو: ماڻهو اهلِ اِعۡتبار (يعني عبرت حاصل ڪرڻ وارو) ڪيئن بڻجندو آهي؟ فرمايائون: جڏهن  اهو دنيا جي هر شيءِ جي انجام تي نگاھ رکي ۽ غور ڪري ته عنقريب هي شيءِ فنا ٿي ويندي ۽ ان جو مالِڪ به جلد ئي قبر ۾ دفنايو ويندو * حضرت حاتِم اَصمّ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو ئي فرمان آهي: جنهن جي گهران (Funeral) جنازو نڪري ۽ هو ان مان عبرت حاصل نه ڪري، اهڙي شخص کي عِلم (Knowledge)، حڪمت ۽ نصيحت جو ڪو فائدو ناهي.[1]

جهنّم جي گرمي ڪيئن برداشت ڪري سگهنداسين

  الله پاڪ جا نبي حضرت دائود عَلَيهِ السَّلَام نهايت خوفِ خدا وارا هئا، هڪ ڏينهن پاڻ تَندُور جي ڀرسان گذريا، ان ۾ باھ ٻري رهي هئي، هي ڏسي ڪري کين جهنّم جي باھ جي ياد اچي وئي، پاڻ عَلَيهِ السَّلَام جي دل گهٻرائجي وئي، بي چيني (Restlessness) تي زمين تي تشريف کڻي آيا ۽ ايترو تڙپيا، قريب هو جو سندن عضون جا جوڙَ (Dislocate) جُدا ٿي وڃن ها * گرمي جي ڏينهن ۾ حضرت دائود عَلَيهِ السَّلَام اُسَ ۾ ايندا هئا ته چوندا هئا: اي الله پاڪ! اسان تنهنجي بڻايل سج جي گرمي برداشت نه ٿا ڪري سگهون ته جهنّم جي گرمي ڪيئن برداشت (Tolerate) ڪري سگهنداسين؟ [2]

هر گهر عبرت جو نشان آهي

   حضرت سائب عبدي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن حضرت صالِح مُري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 


 

 



[1] تنبیہ المغترین، صفحہ: 57 ۔

[2] تنبیہ المغترین، صفحہ: 57 ۔