Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

(3): بخار به موت جو قاصد آهي

 الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: بخار موت جو قاصد آهي ۽ بخار زمين تي الله پاڪ جو بڻايل قيد خانو آهي، الله پاڪ جڏهن چاهيندو آهي پنهنجي ٻانهي کي قيد ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ جڏهن چاهيندو آهي  ڇڏي ڏيندو آهي.[1]

(4): مختلف امراضَ به موت جا قاصد آهن

   حضرت مجاهد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن ماڻهو ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته حضرت مَلَڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام جو قاصد ان وٽ ايندو آهي ايستائين جو جڏهن اهو مَرضُ الموت ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته حضرت مَلَڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام پاڻ  ان وٽ اچي ڪري فرمائيندو آهي: تو وٽ هڪٻئي پٺيان قاصد ۽ ڊيڄاريندڙ ايندا رهيا پر تو انهن جي ڪا پرواھ نه ڪئي، هاڻي تو وٽ اهڙو قاصد آيو آهي جيڪو دنيا مان تنهنجو نالو نشان مِٽائي ڇڏيندو.[2]

موت جو آخري قاصد

  مروي آهي ته هڪ نبي عَلَيهِ السَّلَام حضرت مَلڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام کان پڇيو: تنهنجو ڪو قاصد ناهي جنهن کي پنهنجي اچڻ کان پهريان موڪلندا ڪريو ته جيئن ماڻهو موت کان ڊڄي وڃن؟ حضرت مَلڪُ الموت عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: الله پاڪ جو قَسم! مون وٽ کوڙ سارا قاصد آهن، جهڙوڪ: بيماريون، وارن جي اڇاڻ، پوڙهائپ، ڏسڻ، ٻڌڻ ۾ ڪمي اچي وڃڻ، جڏهن ڪو انهن مان ڪنهن ۾ مبتلا ٿي ڪري عبرت حاصل ناهي ڪندو ۽ نه ئي توبھ ڪندو آهي ته مان ان جو روح قبض ڪرڻ وقت ان کي پڪاري ڪري چوندو آهيان: ڇا مون تو وٽ مختلف


 

 



[1] موسوعہ ابنِ ابی الدنیا،  المرض و الکفارات،جلد:4 ،صفحہ:249 ۔

[2] حلیۃ  الاولیا ،جلد:3 ،صفحہ:333،رقم:4162۔