Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

(5): ڏينهن جو اچڻ وڃڻ به باعثِ عبرت آهي

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڏينهن رات جو اچڻ وڃڻ، سج جو اڀرڻ، وري لهڻ، ڏينهن،  هفتن، مهينن ۽ سالن جو گذرندو وڃڻ به موت جا قاصد آهن، ان ۾ به عبرت جو سامان آهي، هاءِ افسوس! اسان ڏينهن ۽ رات جي سوارين تي سوار ٿي ڪري موت جي طرف وڌندا وڃي رهيا آهيون، عنقريب اهو وقت ايندو جڏهن اسان جو سفر مڪمل ٿيندو ۽ اسان پنهنجي منزل يعني قبر تائين پهچي وينداسين. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّہَا الۡاِنۡسَانُ  اِنَّکَ کَادِحٌ  اِلٰی رَبِّکَ کَدۡحًا  فَمُلٰقِیۡہِ ۚ(۶)  (سيپارو: 30، سورة انشقاق: آيت:6)

ترجموڪنزالعرفان: اي انسان! بيشڪ تون پنهنجي ربّ جي طرف ڊوڙڻ وارو آهين پوءِ ان سان ملڻ وارو آهين.

 * حضرت فَضَيۡل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ شخص کان پڇيو: تنهنجي عُمر ڪيتري آهي؟ چيائين: 60 سال. فرمايائون: 60 سال کان تون الله پاڪ جي طرف سفر ڪري رهيو آهين، عنقريب ان جي بارگاھ ۾ پهچي ويندي[1] * صحابيءِ رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: توهان جي زندگي ڏينهن جو مجموعو آهي، جڏهن هڪ ڏينهن گذري ويو ته توهان جي زندگي جو هڪ حصو پورو ٿي ويو.[2] ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي: ماڻهو هن دنيا ۾ خوش ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته هتي ڏينهن مهينن کي، مهينا سالن کي، سال زندگي کي گهٽ ڪري رهيا آهن.[3]

تَجِدُ سَرُوْرًا بِالْہِلَالِ اِذَا بَدَاَ                                                                                                    وَمَا ہُوَ اِلَّا السَّیْفُ لِلْحَتْفِ یُنْتَضَی

اِذَا قِیْلَ: تَمَّ الشَّہْرُ فَہُوَ کِنَایَۃٌ                                                                                                   وَ تَرْجَمَۃٌ عَنْ شَطْرِ عُمْرٍ قَدِ انْقَضَی


 

 



[1] لطائف المعارف، صفحہ:405۔

[2] لطائف المعارف، صفحہ:405۔

[3] لطائف المعارف، صفحہ:406۔