Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

وضاحت: جڏهن مهينو شروع ٿيندو آهي ته تون خوش ٿيندو آهين حالانڪه چنڊ ته موت جي تلوار آهي جيڪا زندگي ڪَٽي رهي آهي، جڏهن چيو ويو ته مهينو مڪمل ٿي ويو ان جي معنٰي اها ئي آهي ته زندگي جو هڪ حصو ختم ٿي ويو.

نيو ايئر نائٽ (New Year Night)  ۽  بد تميزي جو  طوفان

   پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ 29 ڊسمبر آهي، نئون عيسوي سال يعني 2023 شروع ٿيڻ وارو آهي. نئون سال شروع ٿيڻ به عبرت جو باعث آهي، نئون سال شروع ٿي ويو ان جو مطلب ڇا آهي؟ اهو ئي مطلب آهي ته اسان جي زندگي مان هڪ سال گهٽ ٿي ويو، اسان موت جي وڌيڪ ويجهو ٿي وياسين.

   افسوس! اسان وٽ ماڻهو ان عبرت جي سامان کي غفلت جو ذريعو بڻائي ڇڏيندا آهن، هجڻ ته ائين گهرجي ته نئون سال شروع ٿئي ته اسان موت جو فڪر ڪيون، گذريل سال جو جائزو وٺون، نيڪين ڪرڻ ۾ جيڪا گهٽتائي ٿي وئي، ان کي پورو ڪرڻ جو سوچيون، جيڪي گناھ ڪري ويٺاسين، انهن کان توبھ ڪيون پر اسان جو حال عجيب آهي، نئين سال جي شروعات ئي گناھن ۽ بُري ڪمن سان ڪئي ويندي آهي. 31 ڊسمبر جي رات جو 12 ٿيندي ئي ”نيو ايئر نائٽ (New Year Night)“ جي نالي تي جيڪو بد تميزي جو طوفان اٿندو آهي، الامان و الحفيظ! خاص ڪري نوجوان ته ڪجھ گهڻوئي حد کان ڪراس ٿي ويندا آهن * ڳائڻ وڄائڻ جون محفلون سجنديون آهن * شراب (Alcohol)  پيتو ويندو  آهي * جوا کيڏي ويندي آهي * رات جو 12 ٿيندي ئي ڪروڙي رپين جي آتش بازي (Fireworks) جي نالي تي فضول برباد ڪيا ويندا آهن * هوائي فائرنگ ٿيندي آهي * بدمعاش نوجوانَ گهٽين ۾ شور شرابو ڪندا آهن * ڪيئي نوجوان ته وَنۡ ويلنگ (One Wheeling) ڪندي موت جي منهن ۾ هليا