Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

قبرستان ۾ حاضري ڏيندا ڪريو!

   پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! اسان جا اسلاف، بزرگانِ دين، الله جا نيڪ ٻانها ڪهڙي ڪهڙي انداز ۾ عبرت حاصل ڪندا هئا، هي حضرات قبرستان ويندا، پنهنجي موت کي ياد ڪندا ۽ ان مان (Lesson) سبق حاصل ڪندا هئا. ڪاش! اسان به عبرت حاصل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون، قبرستان ويندا ڪريون، قبر ۾ پيش اچڻ وارن معاملن جي متعلق غور ۽ فڪر ڪيون ۽ پنهنجي موت کي ياد ڪيون. شيخِ طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  اسان کي سمجهائيندي فرمائن ٿا: اسان وٽ قبرستان جي حاضري عام طور تي رسمي طور (Formality) تي ٿيندي آهي. قبرستان وڃڻ چڱي ڳالھ آهي پر ان مان عبرت به حاصل ڪئي وڃي ۽ پنهنجي موت کي به ياد ڪيو وڃي ڇوته قبرستان جي حاضري جو اصل مقصد (Purpose) اهو ئي آهي. حديث پاڪ ۾ هن طرح جو مضمون موجود آهي ته پهريان توهان کي قبرن جي زيارت کان منع ڪندو هيُس، هاڻي اجازت (Permission)  ڏيان ٿو ته وڃو ۽ قبرن جي زيارت ڪيو جو قبرن کي ڏسڻ دلين کي نرم ڪندو ۽ اکين ۾ ڳوڙها  آڻيندو آهي.[1]

   قبرستان وڃي ڪري پنهنجي موت کي ياد ڪرڻ گهرجي، پر افسوس! هاڻي ته قبرستان ۾ جهيڙا جهڳڙا (Fights) به ٿي رهيا هوندا آهن. ماڻهو قبرستان ۾ کائي پي رهيا هوندا آهن ۽ مذاق مشڪري ڪري رهيا هوندا آهن. ڪجھ ماڻهو ته قبرستان ۾ جُوا کيڏيندا (Gambling)، شراب ۽ هيروئن پيئندا، مافيا جا اڏا بڻائيندا ۽ هٿيارَ به لڪائيندا آهن. ائين بلڪل به نه هجڻ گهرجي، بلڪه هن طرح


 

 



[1] مسندِ امام احمد،جلد:5 ،صفحہ:689 ،حدیث:13835ملتقطًا۔