Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

سنّتن جي مطابق زلفون رکون * ڏاڙهي ناهي ته ڏاڙهي شريف سجايون ۽ هاڻي تائين جيڪا ڪٽرائي ان کان توبھ به ڪيون * عمامو نه ٿا ٻڌون ته عمامي جو تاج سجايون * ڪاوڙ ڪرڻ جي عادت آهي ته بُردباري اپنايون * حسد، تڪبر، خودپسندي وغيره باطني امراض کان دل صاف ڪيون * چڱيون عادتون اپنايون، چڱا انداز اپنايون ۽ جنّت ۾ وڃڻ وارن ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃون. ڪاش! سال بدلجڻ سان گڏوگڏ اسان به بدلجي وڃون.

نيو ائير نائٽ (New Year Night) ۾ ڪرڻ جا ڪمَ

   پيارا اسلامي ڀائرو! نئون عيسوي سال شروع ٿي رهيو آهي * ان موقعي تي پنهنجي اعمال جو جائزو وٺڻ گهرجي مثال طور اسان غور ڪيون ته پوئين ڀيري جڏهن نئون سال شروع ٿيو هو، ان وقت کان وٺي ڪري هن وقت تائين اسان ڪيتريون نيڪيون ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهياسين؟ هاءِ! افسوس اعمالنامي ۾ ڪيترن گناھن جو اصافو ڪري ويٺاسين...! * نئين سال جي شروعات جي موقعي تي اسان گناھن کان توبھ ڪيون * نئون سال شروع ٿي رهيو آهي، نئين سال جي شروعات نيڪين سان ڪئي وڃي * ذڪرُ الله سان ڪئي وڃي * نعت خواني سان ڪئي وڃي * سجدن سان ڪئي وڃي * هي نئون سال ملي وڃڻ، زندگي جون ايتريون گهڙيون نصيب ٿي وڃڻ هي به ته الله پاڪ جي نعمت آهي، ان جو شڪر ادا ڪيو وڃي * نئين سال جا هدفَ بڻايا وڃن، سُٺيون سُٺيون نيّتون ڪيون وڃن مثال طور * هن ايندڙ نئين سال ۾ هيتري تلاوت ڪندُس * هيترا درود پاڪ پڙهندُس * هيتريون نمازون پڙهندُس * جيڪڏهن قضا نمازون آهن ته انهن کي جلد کان جلد ادا ڪري وٺڻ جي نيّت ڪئي وڃي * رمضانُ المبارڪ اچڻ وارو آهي، اعتڪاف جي نيّت ڪئي وڃي * هر مهيني قافلي ۾ سفر جي نيّت ڪئي وڃي * نيڪ اعمال جو رسالو