Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

جي ترغيب ڏياري آهي. سيپارو: 18، سورة نور، آيتِ: 44 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

یُقَلِّبُ اللّٰہُ الَّیۡلَ وَ النَّہَارَ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَعِبۡرَۃً   لِّاُولِی  الۡاَبۡصَارِ  (۴۴)  (سيپارو: 18، سورة نور، آيتِ: 44)

ترجموڪنزالعرفان: الله رات ۽ ڏينهن کي مَٽائيندو آهي، بيشڪ ان ۾ اکين وارن جي لاءِ سمجهڻ جو مقام آهي،

سيپارو 30، سورة نازعات، ۾ فرعون ۽ ان جي لشڪر (Army) جي غرق ٿيڻ جو واقعو ذڪر ڪرڻ کان بعد فرمايو:

اِنَّ  فِیۡ ذٰلِکَ لَعِبۡرَۃً  لِّمَنۡ  یَّخۡشٰی (ؕ۲۶)  (سيپارو 30، سورة نازعات، آيت: 26)

ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ ان ۾ ڊڄڻ وارن جي لاءِ عبرت آهي،

الله اڪبر! هي الله پاڪ کان ڊڄڻ وارا، اُولِی الْاَبْصَار (يعني غور ۽ فڪر ڪرڻ وارا، عبرت واري نگاھ رکڻ وارا)، هي الله پاڪ جي نشانين (Signs) کي ڏسي ڪري عبرت حاصل ڪندا آهن، ڏينهن آيو، هليو ويو، سج نڪتو، لهي ويو، رات آئي، گذري وئي، تارا نڪتا، لهي ويا، هي سڀ ڪجھ، ڪائنات (Universe) جو ذرو ذرو کليل ڪتاب آهي، ان ۾ اسان جي لاءِ نصيحت آهي، عبرت آهي، ڪاش! اسان ڊڄڻ وارا، عبرت حاصل ڪرڻ وارا، اُولِی الْاَبْصَار (يعني غور ۽ فڪر ڪرڻ وارا، دنيا کي عبرت جي نگاھ سان ڏسڻ وارا) بڻجي وڃون.

نگاهِ عبرت جي متعلق اولياءِ ڪرام جا فرامين

 * حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو دنيا کي عبرت جي نگاھ سان ڏسندو ۽ غور و فڪر ڪندو آهي اهو گهڻيون نيڪيون ڪرڻ ۾ ڪامياب (Successful) ٿي ويندو آهي * حضرت مالِڪ بن دينار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو