Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

   صحابيءِ رسول، سلطانُ المُفسرين حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: هن آيتِ ڪريمه ۾ نَذِيۡر (يعني ڊيڄاريندڙ) مان مُراد پوڙهائپ آهي.[1] روايت آهي: جڏهن هڪ وارُ اڇو ٿيندو آهي ته ٻين وارن کي چوندو آهي: تيار ٿي وڃو! بيشڪ موت ويجهو آهي.[2]

پوڙهائڻ موت   ڏئي ڇڏيندي آهي

   حضورِ اڪرم، نورِ مُجسّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ابنِ آدم جو مثال هي آهي ته ان جي چوڌاري  99 موتَ گهمي رهيا هوندا آهن، جيڪڏهن انهن کان بچي وڃي ته پوڙهائپ کي پهچي ويندو آهي ايستائين جو وصال ڪري ويندو آهي.[3]

 مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الاُمّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: يعني انسان جي لاءِ موت جا اسباب بيشمار (Countless)  آهن، هر گهڙي موت مٿي تي بيٺو آهي پر جيڪڏهن الله پاڪ جي حڪم سان انهن سڀني کان بچي ويو ته آخر پوڙهائپ ته ايندي ئي ايندي جنهن کان بعد موت يقيني (Confirm)  آهي.[4]

تجھے پہلے  بچپن  نے برسوں کِھلایا                          جوانی  نے پھر تجھ کو مجنوں بنایا

بڑھاپے نے پھر آکے کیا کیا ستایا                       اَجل  تیرا کر دے گی بالکل صفایا

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                            یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

نصيحت جي لاءِ  اڇا وارَ ئي ڪافي آهن

 چون ٿا: هڪ بادشاھ پنهنجي گهرَ ۾ هڪ صندوق رکي هئي جنهن کي ڏسي


 

 



[1] تفسیر درِ منثور،پارہ:22 ،سورۂ فاطر،زیرِ آیت :37 ،جلد:7 ،صفحہ:32۔

[2] تفسیر خازن،پارہ:22،سورۂ فاطر،زیرِ آیت:37،جلد:3 ،صفحہ:458۔

[3] ترمذی،کتاب:القدر،صفحہ:519 ،حدیث:2150۔

[4] ملفوظاتِ امیرِ اہلسنت ،قسط:34،اداسی کا علاج،صفحہ:17۔