Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

روزانو پابنديءَ سان ڀَرڻ جي نيّت ڪئي وڃي * هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۽ هفتيوار مذاڪري  ۾ پابندي سان شرڪت ڪرڻ جي نيّت ڪئي وڃي.

نيو  ائير نائٽ ۽ مدني مذاڪرا

  نيو ائير نائٽ (New Year Night) نيڪين ۾ گذارڻ جو هڪ بهترين طريقو هي به آهي ته الحمد لله! اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ان رات تي عام طور مدني چينل تي براءِ راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، هن سال 31 ڊسمبر (نيو ائير نائٽ) تي هونئن به ڇنڇر آهي ۽ هر ڇنڇر تي هفتيوار مدني مذاڪرو ته سڄو سال ئي ٿيندو آهي، ان ۾ هي به نيّت ڪري سگهجي ٿي ته نيو ائير نائٽ جي هن مذاڪري جي برڪت سان مان سڄو سال هفتيوار مدني مذاڪرو پابندي سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندُس. عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه (ڪراچي) کان علاوه به عاشقانِ رسول مختلف هنڌن تي جمع ٿي ڪري ان رات مذاڪري ۾ شرڪت ڪري الله پاڪ جون رحمتون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، لهٰذا مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي هاڻي کان نيّت ڪري وٺو! دين سکو! الله پاڪ چاهيو ته نئين سال جي نئين گهڙين ۾ برڪت ٿيندي. اي ڪاش! اسان کي غفلت کان بيداري نصيب ٿي وڃي، الله پاڪ اسان سڀني کي نيڪ بڻجڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ وقت جي قدر سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم  ”مَدرَسةُ المدينه بالغان“

   پيارا اسلامي ڀائرو! موت جي ياد دل ۾ ويهارڻ، قبر ۽ آخرت جي تياري ڪرڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي سعادت ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ