Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

موت انتظار ۾ آهي

   حضرت اِياس بن قَتاده رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي قوم جا سردار (Chief) هئا. هڪ ڏينهن سندن پنهنجي ڏاڙهي ۾ هڪ اڇو وارُ (White Hair) ڏٺو ته دعا ڪيائون: اي الله پاڪ! مان اوچتو ٿيڻ وارن حادثن کان تنهنجي پناھ گهران ٿو، مون کي خبر آهي ته موت منهنجي انتظار ۾ آهي ۽ مان ان کان بچي نه ٿو سگهان، پوءِ اهي پنهنجي قوم وٽ آيا ۽ فرمائڻ لڳا: اي بنو سَعد! مون پنهنجي جواني توهان تي وقف (Dedicate) ڪري ڇڏي هئي، هاڻي توهان منهنجي پوڙهائپ مون کي بخشيو، پوءِ پاڻ پنهنجي گهر تشريف کڻي آيا ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويا، ايستائين جو سندن وصال ٿي ويو.[1]

بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدقہ                                                                         گناہوں سے ہردم بچا یاالٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی                                                                     کرم  ہو  کرم  یاخدا  یاالٰہی![2]

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] بحر الدموع ،صفحہ:112۔

[2] وسائل بخشش، صفحہ:105۔