Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

ويو، انهيءَ دوران سندس والد يا ڏاڏا سائين ان جي خواب ۾ آيا ۽ چيائون:

اِنْ كُنْتَ تَطْمَعُ فِي الْحَيَاةِ فَقَدْ تَرَى                                                                                  اَرْبَابَ دَارِكَ سَاكِنِي الْاَمْوَاتِ

وضاحت: توکي ڊگهو عرصو جيئڻ جي خواهش آهي پر تو ڏٺو ته هن گهر جا رهائشي هاڻي قبرستان ۾ مُئلن جا پاڙيسري آهن.

   صبح جو جڏهن اهو نوجوان ننڊ مان اٿيو ته سندس اکين تان غفلت جو پردو هٽي چڪو هو، ان عيش ۽ عشرت کي ڇڏيو ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويو.[1]

وہ ہے عیش و عشرت کا کوئی محل بھی                  جہاں تاک میں ہر گھڑی ہو اَجَل بھی

بس اب اپنے اِس جہل سے تُو نکل بھی               یہ جینے کا انداز اپنا بدل بھی

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے                            یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

(2):  پوڙهائپ موت جو  قاصد آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! هي گذرندڙ ڏينهن، هلندڙ ساھَ، جواني کان بعد پوڙهائپ، وارن جي ڪاراڻ کان بعد اڇاڻ، ان ۾ به عبرت جو سامان آهي، هي به موت جا قاصدَ آهن. سيپارو: 22، سورة فاطر، آيت: 37 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اَوَ لَمۡ  نُعَمِّرۡکُمۡ مَّا یَتَذَکَّرُ فِیۡہِ مَنۡ تَذَکَّرَ وَ جَآءَکُمُ  النَّذِیۡرُ  ؕ  .(سيپارو: 22، سورة فاطر، آيت: 37)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا توهان کي اها عُمر نه ڏني هئي جنهن ۾ سمجهڻ وارو سمجهي وٺندو آهي ۽ توهان وٽ خوف ٻڌائڻ وارو تشريف کڻي آيو.


 

 



[1] شعب الایمان،جلد:7 ،صفحہ:404 ،حدیث:10769۔