Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

وڃو!  اسان توهان جي پٺيان اچي رهيا آهيون

    صحابيءِ رسول حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه جڏهن ڪو جنازو ڏسندا هئا ته فرمائيندا هئا: وڃو! اسان توهان جي پٺيان اچي رهيا آهيون.[1]

امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نصيحت

   حضرت ربيع بن صبيح  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي عرض ڪيو: اسان کي نصيحت فرمايو ته انهن فرمايو: * توهان مان جيڪو تندرست (Healthy) آهي ان کي بيماري لڳندي جيڪا کيس مصيبتن ۾ مبتلا  ڪري ڇڏيندي * نوجوان کي پوڙهائپ ايندي جيڪا کيس فنا ڪري ڇڏيندي * ۽ پوڙهي کي موت اچي ويندو جيڪو ان کي هلاڪ ڪري ڇڏيندو * ڇا انجام اهڙو ناهي جهڙو ٻڌي رهيا آهيو؟ * ڇا سڀاڻي روح جسم کان جُدا نه ٿيندو؟ * ڇا ٻانهو پنهنجي اهل ۽ مال (Family & Wealth) کان پري نه ٿيندو * ڇا سڀاڻي ڪفن ۾ نه ويڙهيل هوندو؟ * ڇا سڀاڻي قبر ۾ نه هوندو؟ * ڇا جن جي لاءِ ٻانهو ڪوشش ڪندو رهندو هو ۽ غمگين ٿيندو هو انهن جي دلين مان سندس ياد مِٽجي نه ويندي؟ * اي انسان! جڏهن توکي موت ايندو ته تون نه ڪنهن اچڻ واري جو استقبال ڪري سگهندي، نه ڪنهن جي ملاقات (Meeting) جي لاءِ وڃي سگهندي * نه ڪنهن سان گفتگو ڪري سگهندي * توکي پڪاريو ويندو پر تون جواب نه ڏئي سگهندي * بيشڪ تنهنجي حق ۾ شهرَ ويران (Deserted) ٿي ويا * تنهنجون اکيون کليل رهجي ويون * روح پرواز ڪري ويو * تنهنجو اولاد (Children) ٻين جي رحم ۽ ڪرم تي رهجي ويو.[2]


 

 



[1] احیاء علوم الدین،کتاب :ذکر الموت ،باب:السادس فی اقاویل العارفین ،جلد:4،صفحہ:586۔

[2] حلیۃ الاولیا،جلد:6،صفحہ:331 ،رقم:8812۔