Book Name:Maut Ka Akhri Qasid

آهيون، پوءِ به اسان موت کي ياد ناهيون ڪندا، عبرت حاصل ناهيون ڪندا. ڪاش! اسان عبرت حاصل ڪرڻ  ۽  قبر ۽ آخرت کي ياد ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

دل ہائے گناہوں سے بیزار نہیں ہوتا                 مغلوب شہا! نفسِ بدکار نہیں ہوتا

شیطان مُسلَّط ہے افسوس! کسی صورت               اب صبر گناہوں پر سرکار نہیں ہوتا

اے رَبّ کے حبیب آؤ! اے میرے طبیب آؤ          اچّھا یہ گناہوں کا بیمار نہیں ہوتا

گو لاکھ کروں کوشش اِصلاح نہیں ہوتی                                     پاکیزہ گناہوں سے کِردار نہیں ہوتا

یہ سانس کی مالا اب بس ٹوٹنے والی ہے     دل  آہ!  مگر  اب  بھی  بیدار  نہیں  ہوتا

وسائلِ بخشش،صفحہ:163۔

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                      صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

(1)  کڄندڙ جنازا موتَ جا  قاصدَ آهن

   هڪ ڀيري حضرت مَلَڪُ المَوت عَلَيهِ السَّلَام الله پاڪ جي نبي حضرت دائود عَلَيهِ السَّلَام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، حضرت دائود عَلَيهِ السَّلَام انهن کان موت جي قاصدن جي باري ۾ پڇيو ته حضرت مَلَڪُ المَوت عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيهِ السَّلَام! اوهان جا والِد، ڀاءُ، پاڙي وارا ۽ سڃاڻڻ وارا ڪٿي آهن؟ فرمايائون: اهي ته انتقال ڪري چڪا آهن. مَلڪُ المَوت عَلَيهِ السَّلَام عرض ڪيو: هي سڀئي موت جا قاصد ئي ته هئا، هي سڀ پيغام (Message) ڏئي رهيا آهن ته جيئن اهي دنيا مان هليا ويا، ائين ئي اوهان به هڪ ڏينهن رخصت ٿي ويندا.[1]


 

 



[1] الكامل فی  التاريخ ،جلد:1 ،صفحہ :198