Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

   الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! هن مان ادب جي اهميت جو اندازو لڳايو! معلوم ٿيو: ادب زندگيءَ جو پهريون قرينو آهي، انهيءَ جي ذريعي انسان بلند مقامات تي پهچي سگهندو آهي. حضرت جلال بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ايمان جو تقاضو آهي ته ٻانهو شريعت تي عمل ڪري، لهٰذا جيڪو شريعت نه ٿو ڄاڻي اهو (ڪامل) ايمان وارو نه ٿو ٿي سگهي ۽ شريعت ادب سيکاريندي آهي، لهٰذا جيڪو ادب نه ٿو ڄاڻي، نه ان جو ايمان (ڪامل) آهي، نه اهو شريعت ڄاڻيندو آهي.([1] )اعلٰي حضرت، امامِ اهلِ سنّت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: لَادِیْنَ لِمَنْ لَااَدَبَ لَہٗ جيڪو باادب ناهي، ان جو ڪو دين ناهي.([2])

اَدب قربِ الهي جو ذريعو آهي

   شيخ يوسف بن حسين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ادب جي برڪت سان علم جي سمجھ ايندي آهي، علم جي برڪت سان عمل درست ٿيندو آهي، عمل درست ٿي وڃي ته حڪمت ملندي آهي، حڪمت ملي وڃي ته زُهد (يعني دنيا کان بي رغبتي) ملي ويندو آهي، زُهد جي برڪت سان آخرت جو شوق پيدا ٿيندو آهي ۽ جنهن خوش نصيب کي آخرت جو شوق نصيب ٿي وڃي، ان کي الله پاڪ پنهنجي قرب جي دولت عطا فرمائي ڇڏيندو آهي.([3])

   الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ادب ڪيتري اعلٰي شيءِ آهي، معلوم ٿيو: جنهن وٽ ادب آهي، اهو خوش نصيب آهي جو علم جي درست سمجھ انهيءَ کي ملندي آهي جيڪو ادب وارو آهي، عمل انهيءَ جو درست هوندو آهي، جيڪو ادب وارو آهي، حڪمت به انهيءَ کي ملندي آهي جيڪو ادب وارو آهي ۽ الله پاڪ جو قرب به انهيءَ کي نصيب ٿيندو آهي جنهن کي ادب جي دولت نصيب ٿيندي آهي ۽ جنهن بد نصيب وٽ ادب ناهي، اهو وڏو محروم آهي، اهو هزارين ڪتابَ به پڙهي وٺي پوءِ به درست علم جي سمجھ


 

 



[1] رسالہ قشیریہ مترجم، ادب کا بیان، صفحہ:494۔

[2]فتاویٰ رضویہ، جلد:28، صفحہ:158۔

[3]عوارف المعارف، صفحہ:455۔