Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

ڪرائيندي آهي۔([1])       

  اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّھ سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

جاهلن جي جهالت تي صبر ڪرڻ جو انعام

تاجدارِ لاهور، شيخُ الۡمشائِخ، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جن ڪَشۡفُ الۡمَحۡجوب شريف ۾ پنهنجي زندگي جو هڪ انمول ۽ نصيحت ڀريو واقعو لکيو آهي، فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مونکي هڪ مشڪل پيش آئي، ان کان پهريان  به مون تي اهڙي ئي مشڪل آئي هئي، ان وقت مان حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مزار شريف تي حاضر ٿيو هيس، جنهن جي برڪت سان منهنجي مشڪل حل ٿي وئي هئي، هن ڀيري وري جڏهن مشڪل پيش آئي ته مان ٻيهر حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مزارِ پُر انوار تي حاضر ٿيس، 3 مهينن تائين مزار شريف تي حاضر رهيس، روزانو 3 ڀيرا غسل 30 ڀيرا وضو ڪندو هيس (يعني طهارت ۽ پاڪيزگي ۽ آداب جو مڪمل خيال رکندو هيس) پر منهنجي مشڪل حل نه ٿي (قدرت کي اهو ئي منظور هو ته هن ڀيري وليءَ جي مزار تي رهي ڪري نه بلڪه تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي مشڪل حل ٿئي).

  فرمائن ٿا: جڏهن پريشاني ختم نه ٿي ته مون خراسان وڃڻ جو ارادو ڪري ورتو، خراسان ويندي رستي ۾ هڪ ڳوٺ آيو، اتي مونکي هڪ خانگاھ نظر آئي.

   اڳي دور ۾ اولياءِ ڪرام مدرسو يا عبادت گاھ بڻائيندا هئا، جتي رهي ڪري پنهنجي مريدن جي تربيت ڪندا رهندا هئا، شايد اهو ئي سبب هو جو داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه رات گذارڻ جي لاءِ ان خانگاھ ۾ تشريف کڻي ويا پر هتي معاملو ئي ڪجھ ابتڙ هو، ان خانگاھ ۾ رهڻ وارا عالم ۽ عبادت گذار نه بلڪه


 

 



[1]...مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔