Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

   حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ٻانهو هجڻ جي آدابن مان آهي ته جَلۡوَت ۽ خَلۡوَت (يعني ماڻهن جي سامهون به ۽ اڪيلائي ۾ به، هر حال ۾) الله پاڪ جي بي حرمتي (مثال طور گناھ ۽ نافرماني) کان بچندو رهي.([1])

الله ڏسي رهيو آهي

  داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: ماڻهن کي گهرجي ته بندگيءَ جو سليقو حضرت زُليخا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها کان سکن، توبھ ڪرڻ ۽ ايمان آڻڻ کان پهريان جڏهن زليخا بي راھ هئي، جڏهن ان اڪيلائي ۾ حضرت يوسف عَلَيهِ السَّلَام کي گناھ جي دعوت ڏني، ان وقت ڪمري ۾ هڪ مُجسَّمو هو، زليخا ان کي پنهنجو خدا مڃيندي هئي، بهرحال زليخا ان مجسمي تي ڪپڙو وجهي ڇڏيو ۽ چيو: مان پنهنجي معبود جو چهرو ڍڪي رهي آهيان ته جيئن هو مونکي نافرمانيءَ جي حالت ۾ نه ڏسي.([2])

   غور ڪريو! اهو بي جان مجسمو ڏسندو نه هو، ٻڌندو نه هو پر زليخا ان کي پنهنجو خدا مڃيندي هئي، لهٰذا ان جو ادب ڪيائين. اسان جو خدا ته سچو خدا آهي، هو ڏسي به ٿو، ٻڌي به ٿو بلڪه دلين جو حال به بخوبي ڄاڻي ٿو، الله پاڪ ڪائنات جي ذري، ذري کي ڏسي رهيو آهي، پوءِ هيءَ ڪيڏي بي ادبي ٿيندي جو الله پاڪ ڏسي رهيو آهي ۽ ٻانهو گناھ ۾ مُلوث آهي...؟؟ ان ڪري ٻانهي کي گهرجي ته الله پاڪ جي سامهون هرگز گناھ نه ڪري ۽ اهڙي ڪا جڳھ ناهي جتي الله پاڪ نه ڏسندو هجي.

جوں ہی گناہ کرنے لگوں ، تیرے خوف سے                                                                     فوراً اُٹھوں میں تھرتھرا یا ربِّ مصطَفےٰ

تیری  خَشیّت  اور ترے ڈر سے، خوف سے                                                                          ہر دم ہو دِل یہ کانپتا یا ربِّ مصطفےٰ)[3](

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:493بتغیر۔

[2]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:494بتغیر۔

[3]وسائل بخشش، صفحہ:132۔