Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

صحبت يا ته پاڻ کان وڏي ۽ چڱي سان هوندي يا  پاڻ گهٽ واري سان. پاڻ کان وڏي ۽ چڱي جي همراهي اختيار ڪندؤ ته ان  کان توهان کي ديني ۽ دنياوي فائدو پهچندو ۽ جيڪڏهن پاڻ کان گهٽ واري سان ويهندؤ ته توهان کان ان کي دين جو فائدو پهچندو، اهو توهان کان دين سکندو، سٺيون ڳالهيون سکندو.([1])

دوستي ۽ ڀائيچاري جا وڌيڪ آداب

مسلمان کي گهرجي ته پنهنجي مسلمان ڀائرن سان لطف ۽ مهربانيءَ سان پيش اچي: الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّمَا الۡمُؤۡمِنُوۡنَ  اِخۡوَۃٌ  فَاَصۡلِحُوۡا بَیۡنَ اَخَوَیۡکُمۡ  آيت (سيپارو: 26 سورة حجرات: آيت 10)

ترجموڪنزالعرفان: مسلمان ته صرف ڀائر آهن پوءِ پنهنجي ٻين ڀائرن ۾ صلح ڪرائي ڇڏيو.

  معلوم ٿيو سڀ مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن، سڀني کي گهرجي ته هڪٻئي سان نرمي ۽ مهرباني سان پيش اچن، ڪو به ڪنهن جي دل نه ڏکائي * مسلمانن کي سلام ڪري * مجلس ۾ انهن جي لاءِ جڳھ ڪشاده ڪري * هر هڪ کي چڱي نالي سان پڪاري. حديثِ پاڪ ۾ آهي: 3 شيون مسلمان ڀائرن ۾محبت وڌائيندون آهن: (1): جڏهن ملاقات ٿئي سلام ڪرڻ (2): مجلس ۾ جڳھ ڪشاده ڪرڻ (3): چڱي نالي سان پڪارڻ. ([2]) * دوستي ۽ ڀائيچاري جي آداب مان هي به آهي ته هر هڪ سان صرف رب جي رضا جي لاءِ تعلق رکي، ڪنهن سان به ذاتي مطلب جي لاءِ تعلق نه رکي. داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون شيخُ الۡمشائخ حضرت ابوقاسم گُرگاڻي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان پڇيو: صحبت جو شرط ڇا آهي؟ فرمايائون: هي ته ٻانهو پنهنجي خوشي نه چاهي. مسلمان ڀائرن ۽ دوستن سان تعلق رکڻ ۾ سڀ کان وڏي آفت هي آهي ته هر هڪ پنهنجي خوشي چاهيندو آهي.([3])


 

 



[1]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:497بتغیر۔

[2]معجم الاوسط، جلد:6، صفحہ:163، حدیث:8369۔

[3]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:502بتغیر۔