Book Name:Data Hazoor Aur Adab Ki Taleem

سٿرائي وغيره جو خيال ناهن رکندا، انهن کي انتهائي غير ذمّيدار ۽ سست سمجهيو ويندو آهي.

   ان ڪري اسان کي گهرجي ته پاڻ پنهنجي ذات جو قدر ڪيون، اهڙو حليو يا اهڙو انداز نه اختيار ڪيو جنهن سبب ماڻهو اسان کان نفرت ڪرڻ لڳن بلڪه صاف سٿرا رهون، پنهنجي صحت جو خيال رکون. الله پاڪ اسان کي  عمل جي توفيق عطا فرمائي.  

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

(3): مختلف آدابِ زندگي

داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ادب جو ٽيون قسم هي آهي ته ماڻهن سان ملڻ جلڻ، اٿڻ ويهڻ ۾ انهن جي آداب جو خيال رکيو وڃي.

  هن مقام تي داتا حضور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مختلف آدابِ زندگي بيان فرمايا آهن، اچو! انهن مان ڪجھ ٻڌون ٿا:

چڱي صحبت نهايت ضروري آهي

   ماڻهن سان ميل جول ۽ تعلق رکڻ جي متعلق سڀ کان اهم ڳالھ هي آهي ته ماڻهو هميشه نيڪ صحبت اختيار ڪري، بري صحبت کان هميشه بچندو رهي. داتا حُضُور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: نفس جي عادت آهي ته پنهنجي ساٿين کان راحت حاصل ڪندو آهي، جهڙي قسم جي ماڻهن جي صحبت ۾ ويهندو آهي، انهن جون عادتون اختيار ڪري وٺندو آهي، ان ڪري مشائخ (يعني اولياءِ ڪرام) سڀ کان پهريان دوستيءَ جي حقوق تي توجھ ڏيندا ۽ مريدن کي انهيءَ جي ترغيب ڏياريندا آهن، ايستائين جو مشائخن وٽ دوستيءَ جا آداب سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ فرض جو درجو رکندو آهي.([1])


 

 



[1]کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:499بتغیر۔